آفتاب احمد شيخ

آفتاب احمد شيخ

آفتاب احمد شيخ

آفتاب احمد شيخ:: آفتاب احمد شيخ ڀارت جي شھر بنارس ۾، 17 ڊسمبر 1934ع ۾ ڄائو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سندس والد اعجاز الدين شيخ، ديري اسماعيل خان ۾ لڏي آيو ۽ پوءِ حيدرآباد سنڌ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. آفتاب شيخ ابتدائي تعليم بنارس ۾ ورتي، پر مئٽرڪ جو امتحان غلام حسين هدايت اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1958ع ۾ سٽي آرٽس ڪاليج مان بي. اي ڪيائين، 1960ع ۾ سنڌ لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي پاس ڪيائين. 1963ع ۾ قاضي سميع صديقي مرحوم، محمد اي. ميمڻ ۽ ٻين علمي شخصيتن جي تعاون سان سٽي آرٽس ڪاليج ۾ جناح لا ڪاليج جو بنياد رکيائين ۽ پاڻ اتي استاد ٿي پڙهائڻ لڳو. 1979ع ۾ جناح لا ڪاليج جو پرنسپال ٿيو. پڙهائڻ سان گڏوگڏ، هيءُ وڪالت بہ ڪندو رهيو. بعد ۾ سياست ۾ حصو ورتائين. 1964ع ۾ ايوب خان جي دؤر ۾ بي. ڊيءَ جو ميمبر ٿيو. 1977ع ۾ ڪجهہ مهينا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بہ ٿيو. 88-1987ع ۾ ڊسٽرڪٽ بار ائسوسيئيشن جو بنا مقابلي صدر ٿيو. 1987ع ۾ حيدرآباد جو ميئر ۽ 1988ع جي چونڊن ۾ ايم. ڪيو. ايم جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ڪجهہ وقت سنڌ حڪومت ۾ قانون کاتي جو صلاحڪار بہ رهيو. 15 آگسٽ 2020ع تي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو ۽ 28 آگسٽ 2020ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ آفتاب احمد شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.12.17  عيسوي

آفتاب احمد شيخ ڀارت جي شهر بنارس ۾، 17 ڊسمبر 1934ع ۾ ڄائو.


2020.08.28  عيسوي

آفتاب احمد شيخ 28 آگسٽ 2020ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد سينڌو خان
سسئي
چانڊيو منير احمد
ضياء الحسين لنجار
طفيل علي عبدالرحمان
ٽلومل آڏواڻي
راڻي آتمارام گدواڻي
ٻڌ
جوليان پال اسانج
راشدي سليم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون