آفتاب راهمون

آفتاب راهمون

آفتاب راهمون

آفتاب راهمون: فنڪار، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس اِنجينئر آفتاب راهمون 27 ڊسمبر 1987ع تي سنڌ جي شھر عمرڪوٽ ۾ اِنجينئر ولي محمد راهمي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن اِبتدائي ۽ ثانوي تعليم عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي، 2002ع ۾ ’سنڌ مدرسة الاسلام، ڪراچيءَ‘ مان مئٽرڪ، 2004ع ۾ DHA ڊگري ڪاليج ڪراچيءَ مان اِنٽر ڪرڻ بعد 2005ع ۾ ’مھراڻ اِنجينئرنگ يونيورسٽي، ڄام شوري‘ جي اِليڪٽريڪل اِنجينئرنگ شعبي ۾ داخلا ورتي. اِنجينئرنگ ڪرڻ سان گڏ سنڌي اَدب ۾ سندس دلچسپي رهي. هن شارٽ وڊيوز ٺاهڻ سان پرفارمنگ آرٽ جي ميدان ۾ قدم رکيو. آفتاب جا ٺاهيل وڊيوز سندس منفرد اَنداز ۽ مزاح جي ڪري ڪافي مشھور آهن. هن ڪيترن ئي ملڪن جا دؤرا پڻ ڪيا، جن ۾ آمريڪا، ڪئناڊا، اِسپين ۽ بارسيلونا شامل آهن. کاٻيءَ ڌُر سان تعلق سبب هو 26 نومبر 2018ع تي فيڊرل ڪاسترو جي ورسيءَ تي ’ڪيوبا‘ جي شھر ’هوانا‘ پڻ ويو، جِتان جا شارٽ وڊيوز ٺاهي منظرِعام تي آندا. هن يونيورسٽيءَ جي ساروڻين تي مشتمل هڪ ناول پڻ لِکيو، جيڪو ’آءٌ ۽ مان‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي


لفظ آفتاب راهمونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.12.27  عيسوي

فنڪار، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس اِنجينئر آفتاب راهمون 27 ڊسمبر 1987ع تي سنڌ جي شھر عمرڪوٽ ۾ اِنجينئر ولي محمد راهمي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سر غلام حسين هدايت الله
پير مظهرالحق
ابو سعيد عبدالڪريم سمحاني
ڀِندل
ميرعبدالرزاق بکري
رضيه سلطانه
دولت خان لوڌي
حمر شيخ
باقر شاهه صوفي
ڇٻلاڻي ايڇ ايل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون