آمنه حامد زبيدي

آمنه حامد زبيدي: نامور ليکڪا، محقق، مترجم ۽ افسانا نگار، آمنه زبيدي 25 ڊسمبر 1960ع تي لاڙڪاڻي ۾ الاهي بخش جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد درس و تدريس سان لاڳاپيل ۽ ادب دوست هو، جنھن ڪري هن جو لاڙو ادب طرف ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمنٽ گرلس اسڪول لاڙڪاڻي مان، مئٽرڪ 1978ع ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان پاس ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1974ع ۾ افسانا لکڻ سان ڪئي، سندس پھريون افسانو ’سچو واقعو‘ ماهوار ’اديون‘ ۾ ڇپيو. ان بعد هن جا ڪيترائي افسانا، سنڌي ٻوليءَ جي مشھور رسالن ’نئين زندگي‘، ’سوجهرو‘ ۽ ٻين ۾ ڇپيا. شروع کان وٺي سندس لاڙو تصوف ڏانھن رهيو آهي. شاهه لطيف جي بيتن جي سولي سنڌيءَ ۾ معنيٰ ۽ تشريح وارو سندس پھريون ڪتاب ’جان جان پسين پاڻ کي‘ 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس ٻيو ڪتاب امام غزاليءَ جي ڪتاب ’عجائب صنع الله‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو 2011ع ۾ ڇپيو. سندس ٽيون ڪتاب سلطان باهوءَ جي ڪلام جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو ’روحاني تشريح‘ جي نالي سان 2012ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان علاوه هن محمد موسيٰ ڀُٽي جي ڪِن اردو ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما پڻ ڪيا آهن، جيڪي سلسليوار ’ماهوار بيداريءَ‘ ۾ ڇپيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.12.25  عيسوي

نامور ليکڪا، محقق، مترجم ۽ افسانا نگار، آمنه زبيدي 25 ڊسمبر 1960ع تي لاڙڪاڻي ۾ الاهي بخش جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير محمد هاشم جان سرهندي مولانا
ڀڳت سنتو داس
جمعو مُلون
غضنفر خان عالمگيري
پنهل ساريو
طلعت حسين
ابڙو غلام ھالائي
رياض منگي
آرائين منصور الحق
بنگل چانڊيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون