آمنہ حامد زبيدي

آمنہ حامد زبيدي: نامور ليکڪا، محقق، مترجم ۽ افسانا نگار، آمنہ زبيدي 25 ڊسمبر 1960ع تي لاڙڪاڻي ۾ الاهي بخش جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد درس و تدريس سان لاڳاپيل ۽ ادب دوست هو، جنھن ڪري هن جو لاڙو ادب طرف ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمنٽ گرلس اسڪول لاڙڪاڻي مان، مئٽرڪ 1978ع ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان پاس ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1974ع ۾ افسانا لکڻ سان ڪئي، سندس پھريون افسانو ’سچو واقعو‘ ماهوار ’اديون‘ ۾ ڇپيو. ان بعد هن جا ڪيترائي افسانا، سنڌي ٻوليءَ جي مشھور رسالن ’نئين زندگي‘، ’سوجهرو‘ ۽ ٻين ۾ ڇپيا. شروع کان وٺي سندس لاڙو تصوف ڏانھن رهيو آهي. شاھہ لطيف جي بيتن جي سولي سنڌيءَ ۾ معنيٰ ۽ تشريح وارو سندس پھريون ڪتاب ’جان جان پسين پاڻ کي‘ 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس ٻيو ڪتاب امام غزاليءَ جي ڪتاب ’عجائب صنع ‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو 2011ع ۾ ڇپيو. سندس ٽيون ڪتاب سلطان باهوءَ جي ڪلام جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو ’روحاني تشريح‘ جي نالي سان 2012ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان علاوہ هن محمد موسيٰ ڀُٽي جي ڪِن اردو ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما پڻ ڪيا آهن، جيڪي سلسليوار ’ماهوار بيداريءَ‘ ۾ ڇپيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.12.25  عيسوي

نامور ليکڪا، محقق، مترجم ۽ افسانا نگار، آمنه زبيدي 25 ڊسمبر 1960ع تي لاڙڪاڻي ۾ الاهي بخش جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام علي موسيقار
سيد صادق علي شاھہ سبزواري
همت علي خان ڪماريو سردار
عزيز مصر
ڄام ڪارائڙو
حاجي شاد راڄڙ
رقيه خانم سومرو
نور محمد انڍڙ
انيل دلپت
جتوئي غلام مصطفيٰ خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون