آنند هنڱوراڻي

آنند هنڱوراڻي: سنڌي جاتيءَ جو نامور سڌارڪ ۽ ڪانگريسي سياستدان دادا آنند هنڱوراڻي، 18 مارچ 1907ع تي سنڌ ۾ ڄائو. هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان 1929ع ۾ گرئجوئيشن ڪئي. 13 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ ئي هندستان جي نامور سياستدان مهاتما گانڌيءَ جو، انگريزن خلاف 1920ع ۾ هلايل عدم تعاون تحريڪ کان وٺي پوئلڳ رهيو. ان وقت کان وٺي سچو ديشي ۽ کاڌي پوش رهيو. دادا آنند هنڱوراڻي راءِ بھادر ديوان رام هنڱوراڻيءَ جو پٽ هو، جنهن جو بغداد ۽ بصري ۾ واپار هلندڙ هو. سندس والد باوجود ’راءِ بھادر‘ جي لقب ملڻ جي، ديش- ڀڳت، سادگي پسند، سوديشي ۽ مهاتما گانڌيءَ جو معترف رهيو. پاڻ هنڱوراڻي، جوانيءَ ۾ ڊگها سھڻا وار رکندڙ، فئشنبل، نوان نوان ماڊرن سوٽ ڪوٽ پائيندڙ، شوقين نوجوان ۽ هڪ جيڏن ۾ ڪافي مقبول هو. هن گرئجوئيشن کان پوءِ آءِ سي. ايس (لنڊن) ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو. پر پيءُ کيس اهڙي اجازت نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ هن چاهيو ٿي تہ آنند، ملڪ جي خدمت ڪري ۽ اُن لاءِ کيس قانون (Law) جي تعليم وٺڻ لاءِ چيائين. ايل. ايل. بيءَ جو پهريون ٽرم ختم ڪرڻ کان پوءِ، دادا آنند ڊسمبر 1929ع ۾ لاهور ڪانگريس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ گانڌيجيءَ جي وڌيڪ ويجهو ٿي ويو، اُن وقت هن جي عمر 22 سال هئي. مهاتما گانڌيءَ، نوجوان آنند کي سابرمتي آشرم ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڏني. 1930ع ۾ آنند هنڱوراڻي قانون جي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي وڃي. آشرم وسايو. ان ڪم ۾ سندس پهرين گهرواريءَ وديا سندس سٺو ساٿ ڏنو. دادا ڪانگريسي هو ۽ اصولن جو پڪو هو. سادو کائيندو، سادو هنڊائيندو هو ۽ مهاتما گانڌيءَ تي ڪتاب لکڻ ۾ هميشہ مشغول رهندو هو. هن جي انگريزي پختي ۽ سادي هئي، ان ڪري گانڌيجيءَ تي سندس لکيل ڪتاب ڏيھہ پرڏيھہ ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا. هن کي نج، سنڌي کاڌو ۽ سنڌي راڳ وڻندو هو ۽ سنڌي راڳ ۽ ڪافين ٻڌڻ جو ڏاڍو شوقين هو. آنند هنڱوراڻي انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏني. هو سنڌ مان پهريون سنڌي هو، جنهن ”ڊانڊي مارچ“ ۾ حصو ورتو. هن ڪڏهن بہ ڪنهن وڏي عهدي يا وزير وغيرہ ٿيڻ جي خواهش نہ ڪئي، پر هميشہ ديش شيوا ۾ مشغول رهيو. مهاتما گانڌي، سندس سچائيءَ ۽ محنت ڏسي کيس پنهنجو پرسنل سيڪريٽري بنايو. هن سول نافرمانيءَ جي هر تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنج ڀيرا جيل ويو. ورهاڱي کان پوءِ دادا هنڱوراڻي، هريجنن جي ڪالونين ۾ وڃي انهن جي شيوا ۽ سماجي ڪم ڪندو هو ۽ مهاتما گانڌيءَ پاران جاري ڪيل هفتيوار ”هريجن“ جو ڪجهہ وقت تائين ايڊيٽر پڻ رهيو. هن جي گهرواري شريمتي وديا هنڱوراڻي هن جي اتساھہ جو وڏو ڪارڻ هئي ۽ سندس سياسي سماجي ۽ تعميري سرگرمين ۾ مدگار رهندي هئي. هوءَ خود بہ مهاتما گانڌيءَ جي سچي پوئلڳ هئي. جنهن کيس پنھنجي ڌيءُ بنايو هو. ٻئي زال مڙس جيئن تہ مهاتما گانڌيءَ کي پيار ڪندڙ هئا، ان ڪري هنن گانڌيجيءَ جي شاگرديءَ واري زماني کان وٺي سندس سموريون لکڻيون ۽ ويچار گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ انهن کي سلسليوار ڪيترن جلدن ۾ ترتيب ڏنائون. 1941ع کان ان سلسلي ۾ 60 ڪتاب مرتب ڪري انگريزيءَ ۾ ڇپائي پڌرا ڪيائون، جن جا اٽالين ۽ آمريڪي ڇاپا پڻ پڌرا ٿيا. 1943ع ۾ پنھنجي پتني وديا هنڱوراڻيءَ جي وفات تي اداس ۽ وياڪل ٿي پيو. ان عرصي ۾ مهاتما گانڌي، پوني آغاخان محل ۾ نظربند هو، پر جيئن ئي 1944ع ۾ آزاد ٿيو، سڌو سيواگرام آشرم پهتو. اتي روزانو صبح جي عبادت کان پوءِ هو، دادا آنند کي ڪجهہ نصيحتون ۽ هدايتون ڏيندو هو، جيڪي هو نوٽ ڪندو ويندو هو. اهڙيءَ طرح 20 نومبر 1944ع کان 10 آڪٽوبر 1946ع تائين گانڌي جا گڏ ڪيل ”روزانہ ويچار“ ادب جو هڪ شاهڪار آهن. انهن خيالن تي مشتمل پهريون ڪتاب 1948ع ۾ گانڌيجيءَ جي وفات کان ٿورو پوءِ ”باپو ڪي آشيرواد“ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو. سندس مرتب ڪيل شاهڪار ڪتاب “A Thought for the Day” ۽ “Gandhi and Nehru” پڻ ڇپجي پڌرا ٿيا، جيڪي دنيا اندر ڏاڍا مقبول ٿيا آهن. دادا هڱوراڻيءَ جو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان لازوال پيار هو. سدائين دوستن کي سنڌيءَ ۾ خط لکندو رهيو. سندن ٽي اهم ڪتاب ”گيتا ٻوڌ“، ”پرودا مندر مان“ ۽ ”آشرم واسين ڏانهن“ سنڌيءَ ۾، گوپال گربخشاڻيءَ ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن. دادا هنڱوراڻي، دهليءَ ۾ پنھنجي ڪُٽيا اندر سنڌيت ۽ سادگيءَ جو پتلو ٿي زندگي گذاري. ڀارت سرڪار جا اڪثر ڪرتا ڌرتا سندس گهر تي اچي مهاتما گانڌيءَ بابت ڄاڻ حاصل ڪندا هئا. 10 مئي 1999ع ۾ ديهانت ڪري ويو آهي.


لفظ آنند هنڱوراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.03.18  عيسوي

آنند هنڱوراڻي: سنڌي جاتيءَ جو نامور سڌارڪ ۽ ڪانگريسي سياستدان دادا آنند هنڱوراڻي ، 18 مارچ 1907ع تي سنڌ ۾ ڄائو .


1920.00.00  عيسوي

سالن جي ننڍي ڄمار ۾ ئي هندستان جي نامور سياستدان مهاتما گانڌيءَ جو ، انگريزن خلاف 1920ع ۾ هلايل عدم تعاون تحريڪ کان وٺي پوئلڳ رهيو .


1999.05.10  عيسوي

10 مئي 1999ع ۾ ديهانت ڪري ويو آهي .



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لال ڪرشن آڏواڻي
آغا شاهي
اسماعيل راھو
ارباب غلام رحيم
ارباب ذوالفقار علي
بقادار شاھہ سيد
اختر مينگل
انڙ غلام رسول
آچاريه ڪرپالاڻي
ارباب وزير احمد
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون