آھيڙي: ھڪ خانہ بدوش راجسٿاني غير مسلم قبيلو. عام طرح اھي شڪاري جيڪي ڪوڙڪي وجهي جانور کي شڪار ڪندا آھن يا وري ڪنھن ھٿيار (ٽڪي) ڪاتر، گهوٻاٽي وغيرہ سان جانور کي زخمي ڪري جهليندا آھن. انھن شڪارين کي آھيڙي چوندا آھن. شڪاري اصل ۾ ھڪ خانہ بدوش قبيلو آهي. شاھہ لطيف هي لفظ رسالي ۾ هن ريت ڪم آندو آهي:
جهنگل آهيڙين ري، ڀَنڻ ڪيو رُوندو.
(شاه)
مومل ماري ميرَ، آهيڙين کي آڪري!
(شاه، راڻو 8/7)
مُلان ملان مَ چئو، آهيڙي آهين!
(شاه)