ڀُٽا

ڀُٽا: ڀُٽا قبيلو جيسلمير مان 16 صدي عيسويءَ ڌاري ، لڏي سنڌ ۾ آيو . ھن خاندان جو پھريون فرد سھتو خان ڀٽو ھو ، جنھن پنھنجي ھمت ۽ حوصلي سان پنھنجي قبيلي جي تحفظ لاءِ ، مقامي قبيلن سان وڙھي زمين حاصل ڪئي ، جيڪا پوءِ جاگير جي صورت ۾ ، ڀٽا خاندان جي خوشحاليءَ جو ذريعو بڻي . ڀٽن ۾ ٻيو ناميارو فرد سردار دودا خان ڀٽو ٿيو ، جنھن پنھنجيءَ زمين جو دائرو جيڪب آباد تائين وڌايو . سردار دودا خان جي ڪوششن سان ئي ڀٽا خاندان جو شمار سنڌ جي معزز خاندانن ۽ قبيلن ۾ ليکجڻ ۾ آيو . ٽالپرن جي دور ۾ حڪمرانن کان سواءِ شاندار حاڪميت جو ڏيک ڏيندڙ ڏوليءَ ۾ گھمڻ ۽ سفر ڪرڻ جو اختيار ، ھڪ پير پاڳاري شاھ مردان شاهه کي حاصل ھو ته ٻيو ڀٽا خاندان جي سردار دودا خان کي ھو . ھن خاندان ۾ ھڪ طرف زمين ۽ ملڪيت ٺاھڻ جو اعزاز سردار دودا خان کي آھي ته ٻئي طرف سياست ، عزت ۽ شھرت جو سھرو سر شاھنواز خان ڀُٽي جي سِر تي آھي ، جڏھن ته عوام ۾ شعور ، سجاڳي ۽ خدمت جو جذبو شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جاڳايو ، وري جدوجھد ۽ محنت سان منزل ماڻڻ جو ڏانءُ ھن خاندان جي عظيم نياڻيءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو عوام کي سيکاريو . سياست جي ميدان ۾ ممتاز علي خان ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو پڻ مشهور ٿيا . ڀٽا خاندان جا فرد سنڌ ، بلڪ پوري پاڪستان ۾ رھن ٿا . سڄي ملڪ ۾ سندن وسنديون ۽ آباديون آھن .


لفظ ڀُٽاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو