ڊاڪٽر آڪاش انصاري
ڪاش انصاري، ڊاڪٽر: نامور شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو اصل نالو الله بخش انصاري آهي. هن 25 ڊسمبر 1956ع تي بدين جي ڳوٺ ابل وسي ۾ لاڙ جي مقامي شاعر الھڏني بدينوي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والده جنت خاتون پڻ هڪ لوڪ سگهڙ ۽ لطيف جي حافظه هئي. ڊاڪٽر آڪاش ابتدائي تعليم، بدين مان ۽ ايم بي بي ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان 1984ع ۾ حاصل ڪري، ڪجهه وقت بدين ۾ ڊاڪٽر طور پريڪٽس ڪئي. هو ڪاليج واري زماني کان ئي قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشھور ٿي چُڪو هو. انهيءَ دور ۾ هن کاٻي ڌُر جي سياست ڪندي، عوامي تحريڪ ۾ 15 سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور ڪم ڪيو. ضياءَ جي مارشل لا ۾ قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس جيل به ڀوڳڻو پيو. اُن کانپوءِ جڏهن چئن پارٽين گڏجي ”عوامي نيشنل پارٽي“ (A.N.P) جو بنياد وڌو ته عوامي تحريڪ به ان ۾ شامل هئي. اي اين پي جو مرڪزي صدر خان عبدالولي خان ٿيو، جڏهن ته سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر آڪاش کي مقرر ڪيو ويو. هو 1992ع ۾ رسول بخش پليجي سان اختلاف ٿيڻ ڪري عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيو ۽ 1995ع کان صحافت ۾ قدم رکيائين. هن روزاني ’سوال‘ اخبار جاري ڪئي، جنھن جو چيف ايڊيٽر هو پاڻ ۽ ايڊيٽر حسن درس ٿيو. اھا اخبار جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سن 2000ع ۾ بندش هيٺ آئي. 2002ع ۾ ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمنٽ ۾ ايم. اي ڪئي. 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما ڪري، بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ هڪ سماجي تنظيم ’بدين رورل ڊيولپمنٽ‘ ٺاهي، ان طرفان ڪيترائي پراجيڪٽ ڪيائين. هن جي ٺاهيل اسڪولن مان هن وقت ٻن اسڪولن کي هاءِ اسڪولن جو درجو ملي چُڪو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’ڪيئن رهان جلاوطن‘ (اٺ ايڊيشن)، ’اڌورا اڌورا‘ (چار ايڊيشن) ڇپجي چُڪا آهن، جن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو: An Elegy for the brave heart of tomorrow (2022) جي عنوان سان ڊاڪٽر سحر گل ڪيو آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جا سوين قومي ۽ رومانوي گيت سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن راڳين ڳايا آهن. آڪاش انصاري 15 فيبروري 2025ع تي قاسم آباد، حيدرآباد ۾ پنھنجي گهر کي باهه لڳڻ سبب وفات ڪئي.
عيسوي
2025.02.15 عيسوي
آڪاش انصاريءَ 15 فيبروري 2025ع تي قاسم آباد حيدرآباد ۾ پنھنجي گهر کي باهه لڳڻ سبب لاڏاڻو ڪيو