آڪھہ: نسل، قوم ۽ قبيلي کان پوءِ درجيوار هيٺين سطح تي هڪ ئي ابي ڏاڏي جو اولاد جنهن ۾ ڪجهہ پيڙهيون هڪ ٻئي سان مربوط انداز ۾ رهنديون هجن. سنڌي سماج ۾ آڪھہ مان مُراد اهڙو ڪٽنبي گروھہ، جيڪو هڪ ئي گهراڻي سان لاڳاپيل هجي. اُن ۾ عورتون، ٻار، مرد، جوان، اڌڙوٽ ۽ بزرگ شامل آهن. هر ذات يا هر قبيلي ۾ ڪٽنبي گروھہ جي سربراھہ جي نالي سان اُها آڪھہ منسوب ڪيل هوندي آهي.