ابراهيم شاھہ بخاريءَ جو ميلو: ابراهيم شاھہ بخاريءَ جو ميلو، هر سال 21، 22 ۽ 23 ربيع الاول مطابق 15، 16 ۽ 17 ڊسمبر تي ڳوٺ شاھہ بخاري تعلقي حيدرآباد ۾ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ مولود شريف جي محفل ٿيندي آهي. ان کان علاوہ هن ميلي ۾ ابراهيم شاھہ بخاري تي گلن جي چادر چاڙهي ويندي آهي. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مريد ۽ عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آهن.