ابن بطوطه

ابن بطوطه

ابن بطوطه

ابن بطوطه: (1304-1377ع) هيءُ مسلمان سياح، 24 فيبروري 702هه/1304ع ۾ مراڪش جي شهر طنجه (Tangia) ۾ پيدا ٿيو. سندس پورو نالو ابو عبدالله شرف الدين محمد بن عبدالله بن محمد ابراهيم ابن بطوطه هو. وچئين دؤر ۾ ٻئي ڪنهن به سياح هن جيتري وسيع سياحت نه ڪئي. سندس ٽيهن سالن جي عرصي جي مسلسل سياحت جا تحرير ڪيل واقعا الجزائر تي فرانسيسي قبضي دوران هٿ آيا. هي ادب، تاريخ ۽ جاگرافيءَ ۾ تعليم پوري ڪرڻ بعد 21 سالن جي عمر ۾ حج جي نيت سان مڪي پهتو، ان بعد هن اتر آفريڪا مصر ۽ شام جو سفر ڪيو ۽ پوءِ عرب، عراق، ايران ۽ ننڍي کنڊ ايشيا جي سياحت ڪئي. قسطنطنيه ۽ ڪريميا به ويو. سمرقند کان ٿيندو هندستان پهتو، جتي اندازاً اٺ سال دهليءَ جي سلطان جي درٻار ۾ رهيو. سلطان هن کي سفير بنائي چين موڪليو. ابن بطوطه مالديپ ٻيٽ، لنڪا، سوماترا ۽ مالابار جي ڪنارن تي به ويو. پوءِ اندلس (هسپانيه) ۽ مراڪش جي سياحت ڪندو، صحراءِ اعظم (آفريڪا جي تمام ڊگهي ريگستان) کي لتاڙي ٽمبڪٽو ۽ نائيجر پهتو. آخر ۾ هو فارس جي بادشاهه ابوحنين وٽ آيو ۽ ان جي چوڻ تي پنهنجي سفرنامي کي ڪتابي شڪل ڏنائين، جنهن جو نالو ’عجائب الاسفارفي غرائب الاديار‘ آهي. 1377ع ۾ وفات ڪيائين. هن جا سفرناما تمام وڏي اهميت رکن ٿا ۽ نهايت قابل قدر آهن، ڇوته انهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي تاريخ ۽ تهذيب تي دلچسپ روشني وڌل آهي.
ابن بطوطه هندستان جي سفر دوران سنڌ ۾ به آيو هو. هو محرم مهيني جي پهرين تاريخ 724 هه/30 ڊسمبر 1323ع تي ڪابل رستي سنڌو درياهه تي آيو، جيڪو دنيا جي وڏن درياهن ۾ شمار ٿيندو هو. هو لکي ٿو ته ’درياهه تي پهتاسين ته بادشاهه جا خبر نويس اسان وٽ آيا ۽ اسان جي اچڻ جي خبر يڪدم ملتان جي حاڪم قطب الملڪ کي ڏياري موڪليائون. انهن ڏينهن ۾ هندستان جو بادشاهه محمد شاهه تغلق هو، جيڪو پرديسين جي عزت ڪندو هو ۽ کين وڏا وڏا عهدا بخشيندو هو. ملتان سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو حاڪم امير سرتيز هو، جيڪو بادشاهه جو غلام ۽ سپهه سالار هو. ملتان کان سيوهڻ ڏهن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. اسين سيوهڻ پهتاسين ته سنڌ جو امير سيوهڻ ۾ ترسيل هو‘.
ابن بطوطه لکي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ سنڌوءَ جي درياهي ٻيلن ۾ گينڊا هوندا هئا. هن پاڻ به هڪ موقعي تي گينڊو ڏٺو، جنهن کي بادشاهه جي ماڻهن شڪار ڪيو هو. سيوهڻ شهر ۾ سومرن جو سردار امير اُنڙ (اُونار) ۽ امير قيصر رومي رهندا هئا، جن رتن نالي هندو حاڪم کي ماري مال غنيمت تي قبضو ڪيو هو. ڄام اُنڙ پنهنجي قبيلي ڏانهن ڀڄي ويو. بچيل لشڪر قيصر روميءَ کي پنهنجو سردار بنايو. انهيءَ تي سلطان عمادالملڪ لشڪر موڪلي قيصر رومي کي شڪست ڏني. ابن بطوطه ان وقت شهر جي هڪ مدرسي ۾ ترسيل هو. پوءِ ابن بطوطه قاضي علاؤالملڪ جي آهوري (ٻيڙي) تي چڙهي، پنجن ڏينهن جو سفر ڪري لاهري بندر تي پهتو، جتان ديبل بندر پنجن ميلن جي پنڌ تي هو. ابن بطوطا، امير وٽ پنج ڏينهن رهي، پوءِ اُتان بکر ويو ۽ بکر کان ٿي اُچ جي شهر ۾ ويو، جيڪو سنڌو درياهه جي ڪپ تي هو. ملتان ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. ابن بطوطه سنڌ جي سفر دوران ڪن عجيب واقعن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سندس سفرنامي ۾ ڇپيل آهن.


لفظ ابن بطوطهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1304.00.00  عيسوي

ابن بطوطه: ( 1304-1377ع ) هيءُ مسلمان سياح ، 24 فيبروري 702هه/1304ع ۾ مراڪش جي شهر طنجه ( Tangia ) ۾ پيدا ٿيو .


0702.00.00  هجري

ابن بطوطه: ( 1304-1377ع ) هيءُ مسلمان سياح ، 24 فيبروري 702هه/1304ع ۾ مراڪش جي شهر طنجه ( Tangia ) ۾ پيدا ٿيو .


1377.00.00  عيسوي

ابن بطوطه: 1377ع ۾ وفات ڪيائين .


0724.01.01  هجري

ابن بطوطه هندستان جي سفر دوران سنڌ ۾ به آيو هو . هو محرم مهيني جي پهرين تاريخ 724 هه/30 ڊسمبر 1323ع تي ڪابل رستي سنڌو درياهه تي آيو ،


1323.12.30  عيسوي

ابن بطوطه هندستان جي سفر دوران سنڌ ۾ به آيو هو . هو محرم مهيني جي پهرين تاريخ 724 هه/30 ڊسمبر 1323ع تي ڪابل رستي سنڌو درياهه تي آيو ،



سياح - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابن بطوطه
سياح ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون