
ابوالاعليٰ مودودي
ابوالاعليٰ مودودي: ناميارو عالمِ دين، قرآن پاڪ جو مفسر ۽ جماعت اسلاميءَ جو باني مولانا ابوالاعليٰ مودودي، 25 سيپٽمبر 1903ع تي اورنگ آباد، دکن (ڀارت) ۾ ڄائو. هن باضابطه تعليم صرف مئٽرڪ تائين حاصل ڪئي، پر محنت ۽ ذهانت سبب عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ مهارت حاصل ڪري ورتائين.
سترهن سالن جي ڄمار ۾ صحافتي زندگيءَ جي شروعات اخبار ’مدينه‘ کان ڪيائين، جنهن کان پوءِ 1921ع کان 1923ع تائين، جمعيت العلماءِ هند جي اخبار ’مسلم‘ ۽ ’الجمعية‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ان وچ ۾ تحريڪ خلافت ۽ ٻين تحريڪن ۾ حصو وٺندو رهيو. ملازمت ۽ سياسي سرگرمين سان گڏوگڏ حديث، فقه، تفسير، فلسفي ۽ منطق جو مطالعو پڻ ڪندو رهيو. 1928ع ۾ ’الجمعية‘ جي ادارت ترڪ ڪري، حيدرآباد دکن هليو ويو، جتان بعد ۾ 1932ع ڌاري ماهنامه ’ترجمان القرآن‘ جاري ڪيائين. بعد ۾ پنجاب آيو ۽ 26 آگسٽ 1941ع تي، لاهور ۾ ’جماعت اسلاميءَ‘ جو بنياد وڌائين، ان کان پوءِ پٺاڻ ڪوٽ وڃي ’دارالاسلام‘ قائم ڪيائين. 1947ع ۾ لاهور پهچي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. 1953ع ۾ ختم نبوت جي تحريڪ هلي، تہ ڪتاب ’قادياني مسئله‘ لکڻ تي فوجي عدالت کيس موت جي سزا ٻڌائي، اُن فيصلي خلاف وڏا اجتماع ٿيا ۽ جلسا جلوس ڪڍيا ويا. نتيجي طور سندس موت جي سزا، عمر قيد ۾ بدلجي ويئي، تڏهن بہ ٽن سالن جي قيد ڪاٽڻ کان پوءِ، آزاد ٿيو. 6 جنوري 1964ع تي مولانا ٻيهر گرفتار ٿيو ۽ سپريم ڪورٽ جي حُڪم تي وري آزاد ٿيو. 1970ع ۾ جماعت اسلاميءَ تان استعيفا ڏئي، سياست کان گوشه نشين ٿي ويو.
مولانا مودوديءَ جي تصنيفن جو تعداد، پنجاھہ کان وڌيڪ آهي. دينيات، تاريخ، سياسيات، عمرانيات، قانون، ادبيات، معاشيات ۽ حديث جي موضوعن تي لکيل سندس تصنيفون قابلِ ذڪر آهن. سندس قرآن پاڪ جو تفسير ’تفهيم القرآن‘ تمام گهڻو مشھور آهي. هن 25 ڊسمبر 1979ع تي وفات ڪئي.
1903.09.28 عيسوي
ناميارابوالاعليٰ مودودي: و عالمِ دين ، قرآن پاڪ جو مفسر ۽ جماعت اسلاميءَ جو باني مولانا ابوالاعليٰ مودودي ، 25 سيپٽمبر 1903ع تي اورنگ آباد ، دکن ( ڀارت ) ۾ ڄائو .
1953.00.00 عيسوي
1953ع ۾ ختم نبوت جي تحريڪ هلي
1979.12.25 عيسوي
ابوالاعليٰ مودودي: هن 25 ڊسمبر 1979ع تي وفات ڪئي .