ابوالبقا بکري

ابوالبقا بکري: ابوالبقا بکري ڏهين صدي هجريءَ جو مشھور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. بکر ۾ سندس هڪ جهوپڙي هوندي هئي، جتي کانئس ڪيترائي ماڻهو فيضياب ٿيندا هئا. شيرشاھہ سوريءَ جي ڪاھہ کان پوءِ نصيرالدين همايون بادشاھہ لشڪر سوڌو سنڌ ۾ آيو، تہ اُن وقت سنڌ جو والي شاھہ حسن ارغون هو. همايون بکر جي ٻاهران خيما کوڙيا. ابوالبقا جي بزرگيءَ جي هند ۽ سنڌ ۾ ايڏي تہ شھرت هئي، جو همايون بادشاھہ سندس جهوپڙيءَ ۾ ساڻس عقيدت سان ملاقات ڪئي. جڏهن شاھہ حسن ارغون کي ان ملاقات جي خبر پئي تہ هن ڀانيو تہ ڪا سازش سٽي وئي آهي، ان ڪري هن ابوالبقا جي جهوپڙيءَ تي تيرن جو وسڪارو ڪرائي، کيس شھيد ڪرائي ڇڏيو. اهو واقعو اندازي موجب 48- 947ھہ/41- 1540ع ۾ رونما ٿيو.


لفظ ابوالبقا بکريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1540.00.00  عيسوي

ابوالبقا جي بزرگيءَ جي هند ۽ سنڌ ۾ ايڏي ته شهرت هئي ، جو همايون بادشاهه سندس جهوپڙيءَ ۾ ساڻس عقيدت سان ملاقات ڪئي . جڏهن شاهه حسن ارغون کي ان ملاقات جي خبر پئي ته هن ڀانيو ته ڪا سازش سٽي وئي آهي ، ان ڪري هن ابوالبقا جي جهوپڙيءَ تي تيرن جو وسڪارو ڪرائي ، کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو . اهو واقعو اندازي موجب 48- 947هه/41- 1540ع ۾ رونما ٿيو .



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سمون خليفو ابن اوڙاھہ
علي گوهر خان صوفي
فقير محمد ويهڙائي
سرمد شھيد
رکيل ريلائي مخدوم
حاجن شاھہ بخاري سيد
شاھہ رڪن عالم
محمد امين
بختيار ڪاڪي قطب الدين
ذوالنون مصري
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون