ابوالبقا

ابوالبقا: ابوالبقا امير خان ولد ابوالقاسم نمڪين، هو شاهجهان بادشاهه جي وقت ۾ سنڌ جي مختلف علائقن جو حاڪم ۽ نواب مقرر ٿيو. مير البقا، يمين الدوله پاران ملتان ۾ نائب هو. ان جي وفات کانپوءِ مرتضيٰ خان حسام الدين ان جي وفات کان پوءِ ٺٽي جو حاڪم ٿيو. ٺٽي جي حاڪميت دوران شاهجهان جي حڪم تي هن ٺٽي ۾ تاريخي ”جامع مسجد شاهجهان“ 1054هه بمطابق 1644ع جوڙائڻ جو ڪم شروع ڪرايو. هو سيوهڻ جو حاڪم به رهيو ۽ اوٻاوڙي گنجابي ۾ کيس جاگير ملي. هو مشهور فاتح ۽ مشهور حاڪم ٿي گذريو آهي.


لفظ ابوالبقاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1054.00.00  هجري

شاهجهان جي حڪم تي هن ٺٽي ۾ تاريخي ” جامع مسجد شاهجهان “ 1054هه بمطابق 1644ع جوڙائڻ جو ڪم شروع ڪرايو .


1644.00.00  عيسوي

شاهجهان جي حڪم تي هن ٺٽي ۾ تاريخي ” جامع مسجد شاهجهان “ 1054هه بمطابق 1644ع جوڙائڻ جو ڪم شروع ڪرايو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صدام حسين
پيرتقي شاهه
پير غوث محمد
دارو جي راجا
شيخ عبدالواحد علامه
باقر سنائي
رفسنجاني علي اڪبر هاشمي
چٺا حامد ناصر
راوت رڻمل راٺوڙ
جوکيو ڄام بجار خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون