احساس ميرل

احساس ميرل

احساس ميرل

احساس ميرل: احساس ميرل سھتي 15 ڊسمبر 1984ع تي ڳوٺ نئين وسي، ضلعي مٽياري ۾ نور محمد سھتي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ ثانوي تعليم ’کنڊو‘ ۽ اڏيري لال اسٽيشن مان حاصل ڪئي. اڏيري لال ۾ پڙهائي دؤران امين اڏيرائي کان شاعري جي سکيا پڻ ورتي. 2015ع ۾ اڏيري لال ۾ ”احساس ميرل ادبي لائبريري“ قائم ڪئي، جتي ڪيترائي ادبي پروگرام پڻ ڪرائي چڪو آهي. کيس سنڌي ادبي سنگت، شاخ قاضي احمد پاران، 2016ع ۾ مڃتا اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي الھيار پاران 2016ع ۾ ايڪتا مشاعرو اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت، مرڪز طرفان، شاخ جي بھترين ڪارڪردگي تي 2017ع جو مڃتا سرٽيفڪيٽ، ٽائون ڪميٽي چمبڙ پاران 2018ع ۾ بھترين شاعر جو سرٽيفڪيٽ، مصري شاھه ميموريل ڪميٽي نصرپور پاران 2019ع ۾ شاندار ادبي خدمتن تي سرٽيفڪيٽ، دي روز انٽرنيشنل مٽياري پاران 2019ع ۾ علمي ادبي ۽ ثقافتي جاکوڙ تي مڃتا اوارڊ، ريڊيو نيٽ ورڪ جهول پاران 2019ع ۾ بھترين شاعر جو اوارڊ ۽ دي سٽيزن فائونڊيشن سيڪنڊري اسڪول اگهم وساڻ پاران 2020ع ۾ ادبي خدمتن عيوض نشان شاھہ عبداللطيف ڀٽائي اوارڊ ملي چڪا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’تو زندگي چيو هو‘ (شاعري: 2014ع)، ’جڏهن هو زلف ڇوڙي ٿو‘ (شاعري: 2016ع)، ’سخنور سنڌ ڌرتي جا‘، (ٻہ ڀاڱا: 2017ع ۽ 2018ع) ’درد گِنگهرو ٻڌا‘ (شاعري: 2019ع)، ’مان شھر اڏيري ٽيشڻ جو‘ (سفر ۽ ساروڻيون: 2020ع) ۽ ’ڪيئن الائي عيد آئي‘ (ترتيب: 2020ع) شامل آهن.


لفظ احساس ميرلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.12.15  عيسوي

احساس ميرل سهتي 15 ڊسمبر 1984ع تي ڳوٺ نئين وسي، ضلعي مٽياري ۾ هڪ پورهيت نور محمد سهتي جي گھر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گلزار
خوش خير محمد هيسباڻي
اصغر سيتائي
بشير بيوس اوٺو
مير حاجن مير
سروپچندر شاد
شاھہ حسين ماڌو لال
روشن تبسم
لطف سيال
ڀڳت جُمڙو مل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون