
احسانه ڊار
احسانه ڊار: مشھور محقق ۽ اديب احسانه ڊار جو جنم 13 ڊسمبر 1952ع تي ٿيـو. هـن ڪراچي بورڊ مان مئٽرڪ (1967ع)، ۽ ساڳئي بورڊ مان علم حياتيات ۾ گريجوئيشن (1971ع) ڪئي. هن جينيٽڪس جي مضمون ۾ ماسٽرس ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾ ڪئي. اهڙيءَ ريت يونيورسٽي آف ايم. او سينٽ لوئس امريڪا مان ايم. ايس بائلاجي 1981ع ۾، برطانيا جي ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان ’فارماڪولاجي‘ جي مضمون ۾ ايم. فل (1989ع)۽ برطانيا جي ساڳيءَ يونيورسٽيءَ مان فارماڪولاجيءَ ۾ ڊاڪٽريت (Ph.D) 1997ع ۾ ڪيائين.
احسانه ڊار مختلف تعليمي ادارن ۾ هيٺينءَ ريت ملازمتون ڪيون: 1978ع کان 1981ع تائين امريڪا جي مِزوري سينٽ لوئس يونيورسٽيءَ ۾ حياتيات (Biology) جي شعبي ۾ معاون استاد
(Teaching Assistant):1981ع کان 1984ع تائين ڪراچيءَ جي ’جينيٽڪس‘ شعبي ۾ معاون استاد Cooperative Teacher: 1984ع کان 1995ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جينيٽڪس شعبي ۾ ليڪچرار، 1988ع کان 2000ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ علم ڪيميا جي اداري HEJ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪيمسٽري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر.
احسانه ڊار Dr. Oscar Cacres جي رهنمائيءَ ۾ To Study the Effect of Naked-neck Gene on Some Economics Trails of chicken عنوان تي ايم. ايس. سي ڪئي. اهڙيءَ ريت هن ايم. ايسM.S: “Changes in caroxy Peptidase Activity During Aging & Development of Nippostronglylus Brassiliensi.” عنوان هيٺ ڪئي، هن هيءَ تحقيقي ٿيسز هن آمريڪا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر آر. آءِ بولا جي نگرانيءَ هيٺ لـکي. جڏهن تہ هن ايم. فل “Eguine Blood Vessels in Horse” عنوان تي ڊاڪٽر ايم.جي،ڊبليو وارننگ جي نگرانيءَ ۾ ڪئي ۽ پي. ايڇ. ڊي“An Invitro Study of Pulmonary Vascular Reactivity & Amine Oxidase Activity in the Horse”عنوان تيDr. B.A Callinghamجي نگرانيءَ ۾ ڪئي. احسانه ڊار ڪيترا تحقيقي مقالا لکيا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي ايڊيٽنگ پڻ ڪئي آهي.
1952.12.13 عيسوي
مشهور محقق ۽ اديب احسانه ڊار جو جنم 13 ڊسمبر 1952ع تي ٿيـو.