ڊاڪٽر احمد سومرو

ڊاڪٽر احمد سومرو

احمد سومرو ڊاڪٽر

احمد سومرو، ڊاڪٽر: استاد ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر احمد سومرو، 6 ڊسمبر 1982ع تي ٺارو شاھہ، ضلعي نوشھري فيروز ۾ محمد عمر سومري جي گهر ۾ جنم ورتو. ’سومرا دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو تحقيقي جائزو‘ جي عنوان هيٺ مقالو لکي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي. 2010ع ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ بطور ليڪچرر مقرر ٿيو. 2014ع کان ’سنڌ فيسبڪ فرينڊس‘ نالي هڪ سماجي رضاڪار سٿ وسيلي، فيسبڪ تي، سنڌي ماڻهن جي تعليمي، سماجي ۽ معاشي سھائتا ڪري رهيو آهي. سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ 2 سنڌي فونٽ: ’ايم.بي سنڌي ساهت‘ ۽ ’ايم.بي احمد سومرو‘ پڻ ٺاهيا اٿس. ان کان علاوہ هن ’سنڌي ساهت ڊاٽ ڪام‘ جي نالي هڪ ويب سائيٽ پڻ ٺاهي. هن جو، ’شاھہ لطيف جو نفسياتي اڀياس‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب2021ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.12.06  عيسوي

استاد ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر احمد سومرو، 6 ڊسمبر 1982ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشھري فيروز ۾ محمد عمر سومري جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رستم علي سيد مولوي بکري
سيد يار محمد شاھہ
چانگ ساجن
آغا حسن علي
فيض جوکيو
اي بي آڏواڻي
آخوند اقبال احمد
پلي خانصاحب عطا محمد
بلاول زرداري
ڀائو در محمد ٻرڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون