احمد نگر مهاراشٽر انڊيا

احمد نگر مهاراشٽر انڊيا

احمد نگر

احمد نگر: هندستان جي مهاراشٽر رياست جو هڪ شهر، شاهي گهراڻي جي باني ملڪ احمد نظام شاھہ هن شھر تي 1490ع ۾ قبضو ڪيو. ان کان پوءِ هيءُ شھر مغلن، مرهٽن ۽ انگريزن جي قبضي هيٺ رهيو. هن شھر جي تاريخي جاين مان هڪ احمد نظام شاھہ جو قلعو آهي، جنهن ۾ 1940ع واري ڏهاڪي دوران جواهر لال نهروءَ کي قيد ڪيو ويو هو. مولانا ابوالڪلام بہ احمد نگر جيل ۾ قيد رهيو هو. هن شھر جا مغل محل ۽ باغ بہ مشھور آهن. هيءُ شھر بمبئيءَ، پوني ۽ ٻين اهم شهرن سان ريل ۽ روڊ رستي ڳنڍيل آهي ۽ وڏو واپاري مرڪز آهي.

wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Ahmednagar


لفظ احمد نگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1490.00.00  عيسوي

احمد نگر: هندستان جي مهاراشٽر رياست جو هڪ شهر ، شاهي گهراڻي جي باني ملڪ احمد نظام شاهه هن شهر تي 1490ع ۾ قبضو ڪيو .



شهر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏهرڪي
بچا بند شھر
بخارا
بکر
ڀريا سٽي
سلطان پور
ٻانڌي
چاغي
جوهي 1
ٽنڊو علي محمد
شهر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون