درازا سچل سرمست جي روضي جوڏيک

درازا سچل سرمست جي روضي جوڏيک

درازا

درازا (شهر): سنڌ جو تاريخي شهر درازا، ضلعي خيرپور ميرس، تعلقي گنبٽ ۾ سپر هاءِ. وي سان لڳولڳ اولهه ۾ واقع آهي. هن شهر کي سنڌ جي اهم ڪلاسيڪي ۽ صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رحه جي نسبت سان نهايت اهم مقام حاصل آهي. هن شهر ۾ صدين کان درازي صوفي بزرگن جي گادي هلندي پئي اچي. درازي درويشن جو مورث اعليٰ ميان شهاب الدين 92هه ۾ عراق مان سنڌ ۾ آيو، جنهن جي خاندان جي پهرئين پيڙهيءَ جي نهايت اهم بزرگ ميان محمد جي اولاد مان ميان نورالدين جا ٻه فرزند ميان ابو سعيد ۽ ميان بدرالدين 665هه ڌاري سيوهڻ مان لڏي اچي گاگن جي پرڳڻي تعلقي گمبٽ جي موجوده شهر درازا ۾ مقيم ٿيا. درازن جي درگاهه جو باني ميان صاحب ڏنو موراڳي هو، جنهن شاهه عبدالله جيلانيءَ کان فيض ورتو.
هن شهر کي صوفياڻي تعليم جي مرڪز جي حيثيت حاصل رهي آهي، جتان درازي بزرگن سموريءَ سنڌ جي صوفي فڪر بابت مرڪزيت جو ڪردار ادا ڪيو. دارازا شريف ۾ ميان ابو سعيد ’صاحبڏني‘ پاران درگاهه جو بنيـاد وجھـڻ بعد ترتيبوار هيٺيان بزرگ گادي نشين ٿيا: ’ميان عبدالحق‘
(1213هه/ 1798ع- 1120هه/ 1708ع)، ’ميان قبول محمد‘ (وفات: 1245هه/1809ع)، ’ميان نظر محمد‘ (1252هه/ 1836ع- 1201هه/ 1786ع)، ’ميان نجم الدين‘ (1272هه/1855ع- 1239هه/ 1823ع)، ’ميان قبول محمد ثاني‘
(1343هه/ 1924ع - 1261هه/ 1845ع)، ’ميان صاحبڏنو ثاني‘ (1350هه/ 1931ع- 1307هه/ 1889ع)، ’ميان قبول محمد ثالث‘ (1232هه/ 1816ع- 1371هه/ 1951ع)، ’ميان عبدالحق ثاني‘ (1952ع) ۽ ’تـاجـپـوش‘، ’سخـي قبول محمد فاروقي‘ ۽ ’سچل سرمست‘ (1241هه/ 1826ع- 1152هه/ 1739ع) درگاهه جو خليفو رهيو، جيڪو به وٽس مريد ٿيڻ لاءِ ايندو هو ته پاڻ ان کي ميان عبدالحق يا سخي قبول محمد وٽ وٺي ويندو هو.
اوائلي وقت ۾ درازا هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. هن وقت هتي هڪ وسيع شهر ٻڌجي ويو آهي. هتي درازي بزرگن جي مزارن سميت سچل سرمست جو روضو واقع آهي، جتي هر سال عرس جي موقعي تي ميلو لڳي ٿو، جنهن ۾ محفل سماع سميت ادبي ڪانفرنس به ٿيندي آهي. مشهور راڳي سهراب فقير هن درگاهه جي خاص راڳين مان ٿي گذريو آهي. تازو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، سچل سرمست جي درگاهه جي مرمت ۽ تجديد ڪئي آهي ۽ سچل ڪامپليڪس تيار ڪرايو آهي، جتي هر سال ڪانفرنس ٿيندي آهي.
(شهر): سنڌ جو تاريخي شهر درازا، ضلعي خيرپور ميرس، تعلقي گنبٽ ۾ سپر هاءِ. وي سان لڳولڳ اولهه ۾ واقع آهي. هن شهر کي سنڌ جي اهم ڪلاسيڪي ۽ صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رحه جي نسبت سان نهايت اهم مقام حاصل آهي. هن شهر ۾ صدين کان درازي صوفي بزرگن جي گادي هلندي پئي اچي. درازي درويشن جو مورث اعليٰ ميان شهاب الدين 92هه ۾ عراق مان سنڌ ۾ آيو، جنهن جي خاندان جي پهرئين پيڙهيءَ جي نهايت اهم بزرگ ميان محمد جي اولاد مان ميان نورالدين جا ٻه فرزند ميان ابو سعيد ۽ ميان بدرالدين 665هه ڌاري سيوهڻ مان لڏي اچي گاگن جي پرڳڻي تعلقي گمبٽ جي موجوده شهر درازا ۾ مقيم ٿيا. درازن جي درگاهه جو باني ميان صاحب ڏنو موراڳي هو، جنهن شاهه عبدالله جيلانيءَ کان فيض ورتو.
هن شهر کي صوفياڻي تعليم جي مرڪز جي حيثيت حاصل رهي آهي، جتان درازي بزرگن سموريءَ سنڌ جي صوفي فڪر بابت مرڪزيت جو ڪردار ادا ڪيو. دارازا شريف ۾ ميان ابو سعيد ’صاحبڏني‘ پاران درگاهه جو بنيـاد وجھـڻ بعد ترتيبوار هيٺيان بزرگ گادي نشين ٿيا: ’ميان عبدالحق‘
(1213هه/ 1798ع- 1120هه/ 1708ع)، ’ميان قبول محمد‘ (وفات: 1245هه/1809ع)، ’ميان نظر محمد‘ (1252هه/ 1836ع- 1201هه/ 1786ع)، ’ميان نجم الدين‘ (1272هه/1855ع- 1239هه/ 1823ع)، ’ميان قبول محمد ثاني‘
(1343هه/ 1924ع - 1261هه/ 1845ع)، ’ميان صاحبڏنو ثاني‘ (1350هه/ 1931ع- 1307هه/ 1889ع)، ’ميان قبول محمد ثالث‘ (1232هه/ 1816ع- 1371هه/ 1951ع)، ’ميان عبدالحق ثاني‘ (1952ع) ۽ ’تـاجـپـوش‘، ’سخـي قبول محمد فاروقي‘ ۽ ’سچل سرمست‘ (1241هه/ 1826ع- 1152هه/ 1739ع) درگاهه جو خليفو رهيو، جيڪو به وٽس مريد ٿيڻ لاءِ ايندو هو ته پاڻ ان کي ميان عبدالحق يا سخي قبول محمد وٽ وٺي ويندو هو.
اوائلي وقت ۾ درازا هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. هن وقت هتي هڪ وسيع شهر ٻڌجي ويو آهي. هتي درازي بزرگن جي مزارن سميت سچل سرمست جو روضو واقع آهي، جتي هر سال عرس جي موقعي تي ميلو لڳي ٿو، جنهن ۾ محفل سماع سميت ادبي ڪانفرنس به ٿيندي آهي. مشهور راڳي سهراب فقير هن درگاهه جي خاص راڳين مان ٿي گذريو آهي. تازو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، سچل سرمست جي درگاهه جي مرمت ۽ تجديد ڪئي آهي ۽ سچل ڪامپليڪس تيار ڪرايو آهي، جتي هر سال ڪانفرنس ٿيندي آهي.


لفظ درازاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو