اختر بلوچ

اختر بلوچ

اختر بلوچ

اختر بلوچ: وَن يونٽ مخالف تحريڪ ۾ جيل ياترا ڪندڙ پهرين نوجوان عورت. سندس اصل نالو زرين اختر. پاڻ سنڌ جي مشھور فنڪارہ زرينه بلوچ جي نياڻي ۽ مشھور سياستدان غلام قادر پليجي جي گهر واري آهي. 16 ڊسمبر 1951ع تي، ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتائين. ابتدائي تعليم ٽنڊي ولي محمد جي مسلم گرلز اسڪول ۾ ورتائين. ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پهرين ٺٽي پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿي. پاڻ شاگرد ليڊر رهي چڪي آهي. ’لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو تحريڪ‘ دوران جيل بہ وئي. جيل ۾ لکيل سندس تصنيف ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ مشھور آهي. جيڪا هند ۽ سنڌ ۾ شايع ٿي شھرت ماڻي چڪي آهي. سندس نياڻي سسئي پليجو، هن وقت سنڌ حڪومت ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وزير آهي. پاڻ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي.


لفظ اختر بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.12.16  عيسوي

اختر بلوچ: وَن يونٽ مخالف تحريڪ ۾ جيل ياترا ڪندڙ پهرين نوجوان عورت . سندس اصل نالو زرين اختر . پاڻ سنڌ جي ناليواري فنڪاره زرينه بلوچ جي نياڻي ۽ مشهور سياستدان غلام قادر پليجي جي گهر واري آهي . 16 ڊسمبر 1951ع تي ، ٽنڊي ولي محمد ، حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمال الدين مؤمن
اتم ديارام هنڱوراڻي
ٿامس ايڇ ويلر
شفيع محمد ڪرناڻي
ڄام توڳاچي
سترام داس سنت
خادم منگي ڊاڪٽر
ضياءُ الدين محمد
دلدار عباسي
چوڌري خليق الزمان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون