
ارجن حاسد
ارجن حاسد: سنڌي ٻوليءَ جي غزل جي نامور شاعر ارجن حاسد جو اصل نالو ارجن ڄيٺانند تنواڻي آهي. هو جيڪو 7 جنوري 1930ع تي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. ڪنڊياري شھر جي پنچائتي هاءِ اسڪول مان 1947ع ۾ مئٽرڪ (بمبئي يونيورسٽيءَ مان) پاس ڪيائين. چوٿين جنوري 1948ع تي هند لڏي ويو. 8 ڊسمبر 1948ع کان پوسٽ کاتي، احمد آباد ۾ ملازم ٿيو، جتان 31 جنوري 1988ع تي رٽائر ٿيو. 1956ع کان شاعري شروع ڪيائين. ’حاسد‘ تخلص ڪتب آڻيندو آهي. ’حاسد‘، غزل تمام گهڻا لکيا آهن ۽ ’غزل گو‘ شاعر طور ڄاتو وڃي ٿو. سندس ڇھہ شعري مجموعا ’سواسن جي سرهاڻ‘ (1966ع)، ’پٿر پٿر ڪنڊا ڪنڊا‘ (1974ع)، ’ميرو سج‘ (غزل: 1984ع)، ’موڳو‘ (غزل: 1992ع) ۽ ’اُڃ“ (1999ع) ۽ ”.... ساهي پٽجي“ (2008ع) ۾ شايع ٿيل آهن. 1985ع ۾ ڪتاب ’ميرو سج‘ تي کيس ’مرڪزي ساهتيہ اڪادمي اوارڊ‘ مليو. هندي شاعر ’جئہ شنڪر پرساد‘ تي لکيل انگريزي مونوگراف پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿس، جيڪو 1995ع ۾ ’ساهت اڪادمي‘ شايع ڪيو آهي.’حاسد‘ جا سؤ کان وڌيڪ گيت مختلف ڪلاڪارن ڳايا آهن، جيڪي انڊيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيا آهن. ’حاسد‘ جا شعري مجموعا انڊيا جي يونيورسٽين ۾ ٽيڪسٽ بوڪ طور منظور ڪيا ويا آهن.
هُري دلگير جي ساهتڪ رچنا ۽ حياتيءَ سان واسطو رکندڙ ڪتاب ’هجن هوت حيات‘، ترتيب ڏنل اٿس. ’حاسد‘ جون رچنائون گجراتي، هندي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ بہ ترجمو ٿينديون رهن ٿيون. سندس فن تي ”ارجن حاسد: هڪ اڀياس“ (1996ع) ڪتاب پريم پرڪاش ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. ان کان اڳ شيام رام رکياڻيءَ پڻ ارجن حاسد جي ادب ۾ خدمتن تي ”ادبي ڇنڊڇاڻ“ نالي ڪتابڙو 1996ع ۾ ئي ڇپائي پڌرو ڪيو هو.’حاسد‘، نئشنل ساهتيہ اڪادميءَ‘ جي سنڌي ائڊوائيزري ڪاميٽيءَ جو ڏھہ سال ميمبر رهيو آهي، جڏهن تہ ’مرڪزي اڪادمي اَوارڊس، لاءِ جج طور پڻ فرض نڀائيندو رهيو آهي. تازو ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌيء غزل جي ائنٿالاجي“ (2008ع) ڪتاب ڇپيو اٿس.ارجن حاسد 26 ڊسمبر 2019ع تي وفات ڪئي.
1930.01.07 عيسوي
ارجن حاسد: سنڌي ٻوليءَ جي غزل جي نامور شاعر ارجن حاسد جو اصل نالو ارجن ڄيٺانند تنواڻي آهي . هو جيڪو 7 جنوري 1930ع تي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو .
2019.12.26 عيسوي
ارجن حاسد 26 ڊسمبر 2019ع تي وفات ڪئي.