ارشاد سومرو

ارشاد سومرو

ارشاد سومرو

ارشاد سومرو: شاعرہ ۽ ڪالم نويس ارشاد سومرو، 27 ڊسمبر 1958ع تي محمد هاشم سومري جي گهر ۾، ٻپڙ محلي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿي. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم رتيديري مان حاصل ڪئي. جڏهن تہ ايم اي (سنڌي)، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ۽ بي. ايڊ جي ڊگري علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ارشاد سومرو ’شاھہ عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ تصوف جو رنگ‘ جي عنوان تي ڊاڪٽر نور افروز خواجہ جي نگرانيءَ ۾ ايم. فِل ڪري رهي آهي. هن لـکڻ جي شروعات 2004ع کان ڪئي. سندس شاعري، ڪھاڻيون، مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. روزاني ’سنڌ ايڪسپريس‘ ۾ هفتيوار ڪالم بہ لکندي رهي آهي. بيڪن هائوس اسڪول سسٽم حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جي استاد طور پڙهائي چڪي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’گهڙي غمن جي ڀاري آ‘ (2015ع)، ’درد جو ڇو انت نہ آ‘ (2016ع)، ’ڌرتيءَ جي دانھن‘ (مضمون: 2018ع)، ’صدين جي اُڃ‘ (ڪھاڻيون: 2021ع) ۽ ’سنڌ سموري گهايل ڇو؟‘ (نئين ڪوِتا: 2021ع) شامل آهن. کيس مڃتا طور بيڪن هائوس مڃتا اوارڊ ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ملي چُڪا آهن. هن وقت روڪ فورڊ اسڪول حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استاد طور پڙهائي رهي آهي.


لفظ ارشاد سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.12.27  عيسوي

شاعره ۽ ڪالم نويس، ارشاد سومرو، 27 ڊسمبر 1958ع تي محمد هاشم سومري جي گهر ۾، ٻپڙ محلي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاھہ عبداللطيف ڀٽائي
عـاشـق عـارباڻـي
چڱو جت
رضوان گل
ايوب آريسر
شيخ فرازي
آريجو غلام عمر غلام
سوامي بسنت رام
رحمت ﷲ پيرزادو اول
ساحر لڌيانوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون