ارم زهرا
ارم زهرا: شاعره ۽ استاد ارم زهرا 8 ڊسمبر 1982ع تي مرزا احمد لطيف جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اردو) جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس نانو بابر مرزا فيض آبادي شاعر ۽ سندس والده نثرنگار هئا. ارم زهرا 2005ع کان شاعري جي شروعات ڪئي. علمي ۽ ادبي سرگرمين سان گڏ سندس تعلق تعليم ۽ تدريس واري شعبي سان به رهيو. هن افسانه، ناول ۽ ڪالم پڻ لکيا. هن ’قومي اخبار‘، ’هم اور آپ‘ ۽ ’ڪومل‘ ڊائجسٽ ۾ بطور ايڊيٽر ڪم ڪيو. 2006ع ۾ دهوم ٽي وي تي بطور ميزبان ۽ اسڪرپٽ ليکڪا طور پڻ ڪم ڪيو. سندس ڪتابن ۾: ’دل کی مسند‘ (2012ع)، ’چاند میرا منتظر‘ (ناول، 2013ع)، ’ادھ کھلا دریچہ‘ (افسانن جو مجموعو، 2015ع)، ’میرے شھر کی کہانی‘ (ڪرائم ڪھاڻيون، 2016ع) ۽ ’اُف الله‘ (شاعري) ڇپيل آهن. ادبي خدمتن عيوض کيس بھترين ڪالمسٽ طور اوارڊ ملي چڪا آهن. پاڻ هن وقت پنھنجي ڪٽنب سان گڏ چين ۾ رهي ٿي.
1982.12.08 عيسوي
شاعره ۽ استاد ارم زهرا 8 ڊسمبر 1982ع تي مرزا احمد لطيف جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.