اسحاق جمالي ڊاڪٽر

اسحاق جمالي، ڊاڪٽر: استاد ۽ محقق ڊاڪٽر محمد اسحاق ولد محمود خان جمالي، 20 ڊسمبر 1962ع تي ڳوٺ غلام علي جمالي، تعلقي نيو سعيد آباد موجودہ ضلعي مٽياريءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ هاءِ اسڪول بکر جماليءَ مان ڪيائين. گريجوئيشن جامعہ مليه ڪاليج ملير ڪراچيءَ مان ۽ ايم.اي سنڌي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1989ع ۾ ڪيائين. سچل سرمست هاءِ اسڪول پپري ڪراچيءَ ۾ چار سال پڙهائڻ بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1990ع ۾ تعليم کاتي ۾، نيو علي ڳڙھہ ڪاليج ٽنڊي آدم ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. 1996ع کان 2013ع تائين گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج قاسم آباد ۾ ليڪچرر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو. سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 2008ع ۾ ”سنڌي شاعري جي فن ۽ فڪر جو تحقيقي اڀياس“ (برطانوي دؤر 1843ع-1947ع) عنوان تي تحقيقي مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 2013ع ۾ ترقي ماڻڻ بعد سنڌ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿي رهيو. 2016ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاھہ ۾ پرنسپال ٿي رهيو. 2016ع کان 2022ع تائين گورنمينٽ سروري اسلاميہ ڊگري ڪاليج هالا ۾ پرنسپال ٿي رهيو. ان دؤران گورنمينٽ شاھہ ولي ﷲ اورينٽل ڪاليج منصوره جي پرنسپال طور اضافي ذميواري بہ سندس حوالي رهي. 2022ع ۾ پروفيسر (BPS-20) طور گورنمينٽ سنڌ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد ۾ خدمتون انجام ڏيئي رهيو آهي. سندس ادبي ۽ تحقيقي مضمون ٽماهي ’مھراڻ‘، ’نئين زندگي‘ ۽ ’سنڌي ٻولي جرنل‘ ۾ ڇپجندا رهيا آهن. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۽ آرٽس فئڪلٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر ۽ سنڌي شعبي پاران ڇپجندڙ تحقيقي ’جرنل ڪينجهر‘ ۽ ’سنڌي ٻولي‘ جرنل جي رويو ڪميٽي جو ميمبر بہ رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.12.20  عيسوي

ڊاڪٽر اسحاق جمالي 20 ڊسمبر 1962ع تي ڳوٺ غلام علي جمالي، تعلقي نيو سعيد آباد موجوده ضلعي مٽياريءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخش شر
اويس قرني شاھہ مانجهند وارو
دروڻاچاريه
حبيب ﷲ حبيب شهدادڪوٽي
بشير احمد لغاري فقير
شورو ڄام خان
ثابت فقير
ڌرم ڪمار تولاڻي
الف شاھہ شھيد ۽ مست علي شاھہ
ڀانيرا بابا پيارا سنگهہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون