اسراني

اسراني

اسراني

اسراني: هندي فلم انڊسٽري جو اداڪار ۽ هدايتڪار گوورڌن اسراني جو جنم پھرين جنوري 1940ع تي جئپور جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو. فلم انڊسٽري ۾ ’اسراني‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. راجسٿان ڪاليج جئپور مان گريجوئيشن ڪئي. تعليم دؤران هن آل انڊيا ريديو، جئپور ۾ وائيس آرٽسٽ طور ڪم ڪيو. 1960ع کان 1962ع تائين ساهتيہ ڪلڀاڻي ٺڪر کان اداڪاريءَ جي سکيا ورتي ۽ 1962ع ۾ اداڪاري لاءِ جئپور کان ممبئي جو سفر ڪيو. 1974ع ۾ هن پنھنجي پھرين گجراتي فلم ۾، مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ هدايتڪاري پڻ ڪئي. هن پنھنجي فني ڪيريئر جي پھرين هندي فلم ’ہری کانچ کی چوڑیاں‘ ۾ ڪردار نڀايو. فلم ’شعلے‘ ۾ سندس جيلر جي ڪردار جو ڊائلاگ ’ہم انگريزوں کے زمانے کے جیلر ہیں‘ تمام گهڻو مشھور ٿيو. هن 350 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي جن ۾: ’تقدير والا‘، ’هيرا پهیری‘، ’چپ چپ کے‘، ’دیوانے ہوئے پاگل‘،’آج کی تازا خبر‘،’ ہلچل‘ ۽ ٻيون شامل آهن. هن ڪجهہ فلمن ۾ هدايتڪاري پڻ ڪئي جن ۾: ’دل ہی تو ہے‘، ’سلام میم صاحب‘ ۽ ٻيون شامل آهن. فلم ’آج کی تازا خبر‘ (1974ع) ۽ ’بالیکا بدهو ‘ (1977ع) فلمن تي اوارڊ حاصل ڪيا. سندس شادي اداڪارہ منجو بنسل سان ٿيل آهي. جنھن مان کيس هڪ پٽ نوين جو اولاد آهي.


لفظ اسرانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.01.01  عيسوي

هندي فلم انڊسٽري جو اداڪار ۽ هدايتڪار گوورڌن اسراني جو جنم پھرين جنوري 1940ع تي جئپور جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا ناصر
دائود مخدوم
انور الدين شيخ
رحم علي جعفري
شيخ اسحاق ملا اربعائي
ابن النديم
ڏاهري عبدالقادر
حافظ غلام محمد ڏاهري ڊاڪٽر
جوکيو محبوب علي
سيد ويڌل شاھہ موسوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون