اسلام1: لغوي معنيٰ آهي صلح، سلامتي، اطاعت. ظاهري ۽ باطني عيبن کان پاڪ رهڻ. اهو انهيءَ دين جو نالو آهي، جيڪو الله پاڪ، سچن رسولن ۽ هادين جي ذريعي انسانن جي هدايت لاءِ موڪليو آهي. انهيءَ جو آخري، مڪمل ۽ مقدس دين اهو آهي، جيڪو قرآن شريف جي شڪل ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم تي نازل ٿيو. شرعي لحاظ سان اسلام جو مطلب آهي: خدا جي احڪامن جي، جيئن قرآن شريف ۾ آيا آهن، بنا شڪ شبهي جي دل جي خلوص سان اطاعت ڪرڻ. ٻين لفظن ۾، ڪتاب ۽ سنت جي تعليمات تي عمل پيرا رهڻ اسلام آهي. نبي سڳورو صلي الله عليه وسلم جيڪا شريعت دائمي هدايت لاءِ کڻي آيو، اها چئن عنوانن جو مجموعو آهي: عقائد، عبادت، معاملات ۽ اخلاق. (1) بندي ۽ خالق جي وچ ۾ تعلق واضح ڪرڻ وارا احڪام، جيڪي ذهني ۽ قلبي حالتن سان واسطو رکن ٿا، اهي ”عقائد“ چئبا، ۽ انهن تي ثابت قدم رهڻ کي ”ايمان“ چئبو آهي. (2) جن احڪامن جو تعلق بندي جي جسم ۽ مال سان آهي، اهي ”عبادت“ آهن: يعني نماز ۽ روزو، جسماني عبادتون آهن، زڪوات مالي ۽ تمدني عبادت ۽ ”حج“ مالي، جسماني ۽ تمدني عبادت. ان طرح ڪلمي، نماز، روزي، زڪواة ۽ حج کي اسلام جو بنياد قرار ڏنو ويو آهي. (3) جيڪي احڪام، بندي ۽ سندس درميان آهن، يا ٻيءَ مخلوق جي باري ۾ آهن، انهن کي قانوني حيثيت هجي ته ”معاملات“ جي دائري ۾ اچن ٿا ۽ (4) جيڪڏهن انهن جي حيثيت روحاني نصيحتن ۽ ڀائپيءَ واري هجي ته اهي ”اخلاق“ جي دائري ۾ اچن ٿا.
نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته ”آءُ فضائل اخلاق جي تڪميل لاءِ آيو آهيان“. پهرئين عنوان کي ”ايمان“ ۽ باقي ٽنهي جو مجموعو ”عمل صالح“ آهن. عمل صالح جا ٽي ڏاڪا آهن: (1) خدا جي اڳيان بندي جو اظهار عبديت ۽ ان جي احڪامن جي تعميل يعني عبادت؛ (2) بندن ۽ ٻيءَ مخلوق سان ڪاروباري معاملن ۾ الاهي احڪام جي پابندي يعني ”معاملات“؛ (3) بندن ۽ ٻيءَ مخلوق سان محبت ۽ نيڪيءَ وارو ورتاءُ يعني ”اخلاق“.
مختصر طرح، ”اسلام“ جي اها وصف، اسلام جي مڪمل ترين شڪل آهي.