اعجاز حسين  مهر

اعجاز حسين مهر

اعجاز حسين مھر

اعجاز حسين مھر: اعجاز حسين مھر ولد غلام حسين مهر، 6 ڊسمبر 1968ع تي ڳوٺ ڪامل مھر ضلع شڪارپور ۾ ڄائو، 1982ع کان 1994ع تائين ڪراچي ۾ رهيو. ان بعد اسلام آباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. هن پنھنجي تعليم ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ جاري رکي. هن ميٽرڪ سنڌ مدرسي مان ۽ ڪامرس ۾ گريجوئيشن سنڌ مسلم ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪئي ۽ 1992ع ۾ انٽرنيشنل رليشنز ۾ ايم. اي شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. شاگردي واري زماني ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان وابستہ رهيو. 1989ع ۾ صحافت ۾ آيو ۽ ڪراچيءَ جي مختلف سنڌي ۽ اردو اخبارن جھڙوڪ نئون سج، الوحيد، ڪاوش ۽ ماهوار رسالي پرھہ، اردو اخبارن انتخاب ۽ نجات ۾ ڪم ڪيائين. هي 1994ع ۾ ڪاوش جي رپورٽر طور ڪراچي ۾ مقرر ٿيو. کيس ترت اسلام آباد موڪليو ويو. مارچ 2004ع ۾ بين الاقوامي نشرياتي اداري بي بي سي کيس رپورٽر مقرر ڪيو ۽ بعد ۾ کيس پاڪستان لاءِ چيف رپورٽر مقرر ڪيو.هن اردو، سنڌي ۽ انگريزي ڪيترائي مضمون ۽ فيچر لکيا ۽ صحافت ۾ معلومات تي ٻڌل تجزياتي مضمون لکڻ سندس خصوصيت رهي آهي. هو انهن چند سنڌي صحافين مان آهي، جيڪي عالمي نشرياتي ادارن تائين پهتا آهن. آمريڪي صدر اوباما جي چونڊ مهم، گڏيل قومن جي اجلاس سميت ڪيترن ئي عالمي پروگرامن جي ڪوريج ڪري چڪو آهي.


لفظ اعجاز حسين مھرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.12.06  عيسوي

اعجاز حسين مهر 6 ڊسمبر 1968ع تي ڳوٺ ڪامل مهر ضلع شڪارپور ۾ ڄائو



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمال الدين لانگاھہ
الھورايو بوزدار
صلاح الدين مولانا
خالد کوکر
خير محمد نظاماڻي
اختر حفيظ
پروانونور محمد
گلڻ خان ڀنڊ
اسلم اڪبر قاضي
امان ﷲ چانڊيو سنڌي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون