افضل سولنگي

افضل سولنگي

افضل سولنگي

افضل سولنگي: ناميارو شاعر افضل سولنگي ڳوٺ ڪرڙ خان سولنگي (حيدرآباد) ۾، پهرين ڊسمبر 1958ع تي محمد رمضان سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، حيدرآباد مان 1974ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين ۽ سچل سرمست آرٽس ڪاليج مان بي. اي ڪيائين. 1980ع کان شاعري شروع ڪيائين، جيڪا سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن ڳائي، جن ۾ محمد يوسف، سرمد سنڌي، فوزيہ سومرو، جلال چانڊيو وغيرہ شامل آهن، جنهنڪري کيس وڌيڪ مقبوليت ملي. سندس ڪيترائي گيت ۽ غزل سنڌي فلمن ۾ بہ ڳايا ويا آهن. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي سان کيس گهڻي عقيدت رهي آهي. هن ڪيترائي گيت غزل شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي شخصيت، محترمہ شھيد بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽيءَ تي لکيا آهن. ڪيترين سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان وابستہ رهيو آهي، جن ۾ پيپلز ڪلچرل ونگ سنڌ اهم آهي. هي هر سال شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شھيد محترمہ بينظير ڀٽي جي ورسين جي موقعي تي سنڌ ۽ پنجاب جي مشھور شاعرن سان گڏ خراج عقيدت پيش ڪندو آهي. سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ ٻيا پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ هن کي خاص دعوت ڏئي گهرائيندا آهن. سندس شھيدن جي شان ۾ ڪئسٽون بہ جاري ٿيل آهن. سچل سرمست ڪامرس ڪاليج حيدرآباد ۾ سپرنٽينڊنٽ آهي ۽ پنھنجي ڳوٺ ۾ رهي ٿو.


لفظ افضل سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.12.01  عيسوي

افضل سولنگي: ناميارو شاعر افضل سولنگي ڳوٺ ڪرڙ خان سولنگي ( حيدرآباد ) ۾ ، پهرين ڊسمبر 1958ع تي محمد رمضان سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد علي شاھہ
سڪندر خان کوسو
انور منصور مڱريو
ٺٽوي نيازي
عبدالغفور مفتون همايوني
اميد علي لغاري
احسان فقير لانگاھہ
آنند پرڪاش مهاتما
رضوي محمد زمان شاھہ
عامر سيال
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون