اقبال بلوچ

اقبال بلوچ

اقبال بلوچ

قبال بلوچ: مشھور ڪھاڻيڪار ۽ شاعر، اقبال بلوچ، پھرين ڊسمبر 1956ع تي حسن علي بلوچ جي گهر، تلھار ۾ جنم ورتو. انٽرميڊئيٽ تلھار مان پاس ڪري اسلاميہ ڪاليج بدين مان گريجوئيشن ڪئي. 1976ع کان اڪائونٽس شعبي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ 2017ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ساڳئي عرصي کان هيءُ لکندو اچي ٿو. اقبال بلوچ ’گلن جھڙا ٻارڙا‘ تنظيم جو جوائنٽ سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت تلھار جو سيڪريٽري (1976ع کان 1984ع) ۽ سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن (سگا) شاخ تلھار جو عھديدار پڻ رهيو آهي. سندس ڪھاڻيون، شاعري ۽ مضمون عبرت، هلال پاڪستان اخبارن سميت ادبي رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’سانول جا سور‘ (ڪھاڻيون: 2013ع) ۽ ’اي منھنجي شھر جي مٽي‘ (شاعري: 2014ع)، ’سروس بخير‘ (آتم ڪٿا: 2016ع)، ’جيئڻ جنين ڪاڻ‘ (ڪھاڻيون: 2016ع)، ’مرڪون مھڪون ميڙيم‘ (آتم ڪٿا: 2019ع)، ’آخري پيار‘ (ڪھاڻيون: 2019ع)، ’رولاڪ محبتون‘ (نثري ٽڪرا: 2019ع) ۽ ناول ’انشورنس واري ڇوڪري‘ (2023ع) شامل آهن.


لفظ اقبال بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.12.01  عيسوي

مشهور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر، اقبال بلوچ،پهرين ڊسمبر 1956ع تي حسن علي بلوچ جي گهر، تلهار ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير آقا محمد اسماعيل جان مولانا
دينپوري مولانا محمد عمر
آدم هنڱورجو
چيزل شاھہ
حيدر خان ٻروچ
دبير مرزا
آزاد بخاري
احمد فراز
عبدالخالق مولوي
غلام شاھہ لغاري نواب
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون