
اقبال چوڌري
اقبال چوڌري: ناليواري پروفيسر محمد اقبال چوڌريءَ 11 سيپٽمبر 1959ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. نومبر 1980ع ۾ سائنس ۾ گريجوئيشن، سيپٽمبر 1983ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان نامياتي ڪيميا (Organic Chemistry) ۾ ايم. ايس. سي، نومبر 1987ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اداري “HEJ” ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪراچيءَ مان نامياتي ڪيميا (Organic Chemistry) ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪيائين. هن پنھنجي شعبي سان لاڳاپيل ڪيترن ئي محڪمن ۾ ملازمت ڪئي. نومبر 1985ع کان نومبر 1986ع تائين علم ڪيميا جي شعبي، پينسلوانيا اسٽيٽ يونيورسٽي آمريڪا ۾ ’ريسرچ ايسوسيئيٽ‘، ڊسمبر 1986ع کان آڪٽوبر 1987ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اداري “HEJ” ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪيمسٽري ۾ سينئر ريسرچ فيلو، ڊسمبر 1987ع کان ڊسمبر 1988ع تائين ڪورنل يونيورسٽي اٽاچا آمريڪا ۾ علم ڪيميا جي شعبي ۾ ’پوسٽ ڊاڪٽرل ريسرچ ايسوسيئيٽ‘، سيپٽمبر 1989ع کان نومبر 1989ع تائين آمريڪا جي ويسٽ لفاينيٽي انڊيانا يونيورسٽيءَ جي طبي ڪيميا جي شعبي ۾ وزيٽنگ سائنٽسٽ، جون 1989ع کان سيپٽمبر 1989ع تائين اٽاچا يونيورسٽي آمريڪا جي علم ڪيميا جي شعبي ۾ وزيٽنگ سائنٽسٽ، ڊسمبر 1988ع کان جولاءِ 1994ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ علم ڪيميا جي اداري “HEJ” ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ اسٽنٽ پروفيسر،1988ع ۾ آمريڪا جي ڪئليفورنيا سئن ڊيگو جي بحري سمنڊ جي ڄاڻ واري اداري ۾ سينئر فل برائٽ فيلو جولاءِ 1994ع کان اپريل 2000ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪيميائي اداري “HEJ” ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو ائسوسيئيِٽ پروفيسر ٿي رهيو ۽ جون 1995ع کان سپٽمبر 1998ع تائين پاڪستان جي ڪيميڪل سوسائٽي جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. چوڌري محمد اقبال ڪيترن اهم ادارن جي ايسوسيئيشنن جو مـيـمـبـر پـڻ رهيو، جن ۾ ڪجهہ اهم ادارا ۽ ايسوسيئيشنون هن ريت آهن. (1) رائل سوسائٽي آف ڪيمسٽري (لنڊن)، (2) آمريڪن ڪيميڪل سوسائٽي، (3) ڪيميڪل سوسائٽي آف پاڪستان، (4) (IUPAC) انٽرنيشنل يونين آف پيوئر ائنڊ اپلائيڊ ڪيمسٽري، (5) آمريڪن سـوسـائـٽـي آف فـارمـاڪـولاجـي، (6) دَ نـيـويـارڪ اڪـئـڊمي آف سائنسز ۽ (7) فيڊريشن آف ايشين ڪيميڪل سوسائٽيز.
چوڌري محمد اقبال ڪيترائي اهم ڪتاب لکيا آهن، جيڪي ڪيترن ملڪي ۽ غير اشاعتي ادارن شايع ڪرايا آهن. جن مان ڪجهہ اهم هيٺ ڏجن ٿا.
(1) Solving Problems with NMR Spectroscopy, Academic Press San Diego 1995 (2) Recent Discoveries in natural product chemistry Elite Publisher 1996 (3) Progress in Medicinal Chemistry (Vol :1) Hurwood Academic Publisher Amestrudum 1996 (4) Biological Inhibitors (Vol: II) (5) New Trends in Natural Product Chemistry ان کانسواءِ چوڌري محمد اقبال ڪيترائي تحقيقي مقالا پڻ لکيا، جيڪي ڪيترن ئي ملڪي توڙي غير ملڪي اشاعتي ادارن شايع ڪيا. 1996ع ۾ علم ڪيميا تي ڪيترن ئي تحقيقي مقالن لکڻ ڪري کيس ڪيترا انعام ۽ اوارڊ مليا، جھڙوڪ: (1) نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي طرفان پهريون انعام، (2)1998ع ۾ عالمي ماحولياتي اداري “LEAD” “Feadership in Environment and Development” جو فيلو، (3) 1994ع ۾ ’Third World Academy of Sciences‘ جو ’Young Chemist Award‘ ، (4) اپريل 1993ع ۾ ايم. رضيع الدين گولڊ ميڊل آف پاڪستان اڪيڊمي آف سائنس، (5) 1990ع ۾ علم ڪيميا تي پروفيسر عبدالسلام پرائيز، (6) 98-1997ع ۾ فـل بـرائـيـٽ ريسرچ اوارڊ (USA)، (7) 1997ع ۾کيس پاڪستان جي صدر طرفان ’تمغهِ امتياز‘ ڏنو ويو. هن وقت ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اداري ’HEJ‘ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪيمسٽريءَ ۾ پروفيسر آهي.
1959.09.11 عيسوي
ناليواري پروفيسر محمد اقبال چوڌريءَ 11 سيپٽمبر 1959ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.