الطاف قادري: ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ مترجم الطاف حسين ولد ميان غلام عباس قادري 1927ع ۾ ميان جي ڳڙهي پاڙي، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ 1946ع ۾ علي ڳڙھہ مان ڪيائين. جڏهن تہ گريجويشن 1951ع ۾ ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. 1953ع ۾ سنڌ روينيو کاتي ۾ مختيارڪار ٿيو. هن مختلف عهدن تي ذميواريون نڀايون. سيڪريٽري سنڌ گورنمينٽ، ميمبر بورڊ آف روينيو اينڊ لينڊ يوٽلائيزيشن ڊپارٽمينٽ ۾ 1988ع تائين رهيو. سندس پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب ”مجموعه درد“ جي نالي سان 1947ع ۾ ڇپيو. ساڳئي سال سندس ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ”حسنِ خيال“ جي نالي سان ڇپيو. هن 1953ع ۾ انگلينڊ جي مشھور مصنف ٿامس مور جي باتصوير مثنوي ”لاله رخ“ جو ترجمو ڪيو. هن ڪتاب جا هينئر تائين 3 ايڊيشن اچي چڪا آهن. الطاف قادريءَ جي ڪهاڻين ۾ سندس دور جي حالتن، مختلف تحريڪن وغيرہ جي جهلڪ بہ نظر اچي ٿي. هو علمي ادبي گهراڻي سان واسطو رکي ٿو. سندس خاندان ۾ ٽي صاحب ديوان شاعر ٿي گذريا آهن. ناليواري ڪهاڻيڪار جناب اياز قادري جو تعلق بہ ساڳئي خاندان سان آهي. الطاف قادري 25 ڊسمبر 2017غ تي وفات ڪئي.
1927.00.00 عيسوي
الطاف قادري: ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ مترجم الطاف حسين ولد ميان غلام عباس قادري 1927ع ۾ ميان جي ڳڙهي پاڙي ، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو .