ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ
الهرکيو ٻُٽ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور محقق پروفيسر ڊاڪٽر الھرکيو ٻُٽ، ميھڙ تعلقي جي ڳوٺ ”ٻُٽ سِرائيءَ“ ۾، پھرين ڊسمبر 1946ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو شاهه محمد ٻُٽ هو. شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ثانوي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪئي. پاڻ لائبريري سائنس ۾ پي. ايڇ. ڊي هئڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو گولڊ ميڊلسٽ هو. سندس تصنيفن ۾ ”سنڌ ۾ ڪتبخانن جي تاريخ“، ”سنڌي رسالن جي تاريخ“، ”سماٽ“، ”سنڌي طباعت ۽ اشاعت“، ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ (1819ع کان 1930ع تائين)، ”شاهه جي رسالي جي لغوي معنيٰ“ (جلد پھريون) ۽ هٿ جا هنر (سليم ڀٽو لطيفي سان گڏ) شامل آهن. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لائبرري ۽ انفارميشن سائنس شعبي جو چيئرمئن رهيو. ان کان علاوه سنڌالاجي ڄام شوري جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر (97-1996ع)، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرووائيس چانسلر ۽ سکر ۽ لاڙڪاڻي تعليمي بورڊن جو چيئرمئن ٿي رهيو. قديم ڪتابن، لائبرري سائنس، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي ڪم ڪندڙ انگريز عالمن تي سندس ڪيترا ئي تحقيقي مضمون اخبارن ۾ ڇپيا. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي لائبرري ڪاميٽيءَ، تعليمي ۽ رٿابندي ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. ان کان علاوه انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۽ انسائيڪلوپيڊيا آف شاهه لطيف جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر به رهيو. 24 اپريل 2016ع تي وفات ڪئي.
1946.12.01 عيسوي
پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ ڳوٺ ” ٻُٽ سِرائيءَ “ ۾ ، پهرين ڊسمبر 1946ع تي ڄائو
2016.04.24 عيسوي
ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ 24 اپريل 2016ع تي گذاري ويو.