الياس عليه السلام: حضرت الياس عليه السلام، الله تعاليٰ جو نبي، حضرت حزقيل عليه السلام جو جانشين، بني اسرائيل ۾ ايليا جي نالي سان مشهور هو. قرآن مجيد ۾ حضرت الياس عليه السلام جو ذڪر به آيو آهي. سورة الانعام ۽ سورة الصافات، سورة النعام ۾ کيس فقط نبينعه جي فهرست ۾ شمار ڪيو ويو آهي ۽ الصافات ۾ نبوت ۽ سندس قوم جي هدايت بابت مختصر بيان آهي. حضرت الياسعه جي نبوت جي باري ۾ محققن ۽ مورخن جو اتفاق آهي ته هو شام جي رهاڪن جي هدايت لاءِ موڪليو ويو هو ۽ بعلبڪ جو مشهور شهر سندس هدايت جو مرڪز هو. حضرت الياسعه جي قوم مشهور بت ’بعل‘ جي پرستار، توحيد کان بيزار ۽ شرڪ ۾ مبتلا هئي، ’بعل ديوتا‘ مشرق ۾ آباد سامي قومن جو مشهور ۽ سڀني کان وڌيڪ مقبول ديوتا هو. هي بت مذڪر هو ۽ زحل يا مشتري جو متبادل ۽ نقل سمجهيو ويندو هو. فنيقي، ڪنعاتي، هوآبي ۽ موياني قبيلا خاص طور تي ان جي پوڄا ڪندا هئا. ان ڪري بعل جي پوڄا حضرت موسيٰ جي زماني کان ٿيندي آئي، جنهن ڪري شام جو مشهور شهر بعلبڪ به منسوب ٿيو. حضرت الياس جي زماني ۾ يمن ۽ شام وارن جو محبوب بت بعل ئي هو هن ڳالهه جو ذڪر قرآن مجيد جي سورت الصافات ۾ هن ريت ٿيل آهي: ”بيشڪ الياس پيغمبرن مان هو. جڏهن پنهنجي قوم کي چيائين ته ڇا توهان (الله کان) ڪو نه ٿا ڊڄو. ڇا توهان بعل کي سڏيو ٿا ۽ سڀني کان چڱو بڻائيندڙ کي ڇڏيو ٿا. الله تعاليٰ اوهان جو پاليندڙ ۽ توهان جي ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي. پوءِ انهن هن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ بيشڪ اهي دوزخ ۾ حاضر ڪيل هوندا. الله جي پسند ڪيل ٻانهن کانسواءِ ۽ پوين ۾ سندس تعريف ڇڏي سون. شال الياس تي سلام هجي، بيشڪ اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. بيشڪ اهو اسان جي ايمان وارن مان هو.“