الهبچايو يار محمد سمون

الهبچايو يار محمد سمون

الھبچايو يار محمد سمون

الھبچايو يار محمد سمون: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ محقق 9 مئي 1912ع تي ملير ضلعي ڪراچي ۾ سمن جي قديم خاندان جي هڪ غريب گهر ۾ ڄائو. ڊسمبر 1958ع ۾ وفات ڪيائين. الھبچايو يار محمد سمو ڪراچيءَ جو اهو پراڻو ليکڪ ٿي گذريو آهي، جنهن ڪراچيءَ جي قديم لهجي، لسٻيلي دادوءَ ۽ ڄامشوري جي سنڌي ٻوليءَ جي ڪوهستاني ۽ لاسي لهجن ۽ اتان جي ادب ۽ ثقافت جي تاريخ بيان ڪئي آهي. هن جا ٻہ ڪتابسير ڪوهستان“ (1942ع) ۽ ”لاڙ جو سير“ (سنڌي ادب)، انفرادي حيثيت رکن ٿا، جنهن ۾ سندس زبانداني، انشا ۽ پردازي، طرز تحرير ۽ اسلوب جي نواڻ موجود آهي. سير ڪوهستان سنڌي ادب جي هڪ لافاني تخليق آهي. اهڙيءَ طرح لاڙ جو سير (1971ع) ڪتاب ۾ لاڙ جي تاريخ، ثقافت ۽ لهجي جو بھترين تذڪرو ڪيو آهي. يار محمد سمي جا هي ٻئي ڪتاب سنڌي نصاب ۾ ڪنهن نہ ڪنهن صورت ۾ شامل رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.05.09  عيسوي

الهبچايو يار محمد سمون 9 مئي 1912ع ڪراچي ۾ ڄائو


1958.12.00  عيسوي

الهبچايو يار محمد سمون ڊسمبر 1958ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چاڪر خان راڄڙ
سيد علي سرمست
شاھہ حسين بخاري جو مقبرو
ايلسا قاضي
آزاد قاضي
ڀڳت ارجن ڪنواڻي
ڀٽي محمد علي
زينت امان
صادق ميمڻ
پئٿاگورس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون