
الهه بچايو کوسو
الھہ بچايو کوسو (الغوزي نواز): الغوزي جي نج سنڌي فن ۾ مصري خان جمالي ، خميسو خان جهنجهي ۽ الھہ بچايو کوسو عالمگير شھرت رکندڙ فنڪار هئا. انهيءَ فن ۾ جدت آڻيندڙ الغوزي نواز الھہ بچايو کــوسـو 9 ڊسـمـبـر 1932ع تــي ٽنڊي محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاھہ ڪريم جي ڳوٺ ڏاڏون ۾ غريب خاندان ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو عبدالله کوسو هو. هن درجا تعليم حاصل ڪئي. غربت سبب پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي وڃي حجامڪي ڌنڌي کي لڳو. پر کيس الغوزي سان عشق هو جنهن سبب استاد خميسي خان جهنجهي کان الغوزي وڄائڻ جي باقاعدہ سکيا ورتائين ۽ حجامڪو ڌنڌو ڇڏي، آسپاس وارن علائقن ۾ شادين مرادين جي تقريبن ۾ الغوزو وڄائڻ شروع ڪيائين. 1951ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي الغوزو وڄائي بھترين فن جو مظاهرو ڪري مڃتا ماڻيائين. سنڌ جي هن البيلي فنڪار آمريڪا، برطانيه، چين، ملائيشيا، انڊونيشيا، دبئي ، فرانس، سعودي عرب سميت دنيا جي 25 کان وڌيڪ ملڪن ۾ سنڌ جو سفير بڻجي فن جو مظاهرو ڪري سنڌ جي ثقافت روشناس ڪرائي عالمي شھرت ماڻي. 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ نورجھان ۽ مهدي حسن سان گڏ قومي ڌنون وڄايائين. پرفارمنس تي کيس آمريڪي صدر بل ڪلنٽن، جمي ڪارٽر، چيني صدر زيانگ زيمن، ملائيشيا جي وزير اعظم مهاتير محمد جو داد بہ مليو، ان کان عـلاوه هن پاڪستان جو صدارتي اوارڊ، لطيف اوارڊ، سچل ايوارڊ، لال شھباز قلندر اوارڊ سميت ڏيهي توڙي پرڏيهي طور 60 کان وڌيڪ اعزاز ماڻيا. هن پنھنجي فني وارثي لاءِ پنھنجي فرزند ارباب کوسو جي فني تربيت ڪري کيس الغوزي جي فن جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. 1993ع ۾ فرانس ۾ فن جو مظاهرو ڪندي کيس ڦڦڙن جي تڪليف ٿي پئي. جنهن کانپوءِ هو مسلسل ڦڦڙن جي مرض جو شڪار ٿي، اکين جو نور بہ وڃائي ويٺو، سندس اها بيماري 2008ع ۾ شدت اختيار ڪري وئي ۽ مسلسل علاج هيٺ رهندي 6 ڊسمبر 2012ع تي ٽنڊي محمد خان جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
1932.12.09 عيسوي
فن ۾ جدت آڻيندڙ الغوزي نواز الهه بچايو کــوسـو 9 ڊسـمـبـر 1932ع تــي ٽنڊي محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ ڏاڏون ۾ غريب خاندان ۾ ڄائو.
2012.12.06 عيسوي
6 ڊسمبر 2012ع تي ٽنڊي محمد خان جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.