امتياز خان حسين اصفهاني ’خالص ‘:سيد امتياز خان اصفهاني ’خالص‘ پنھنجي دور جو وڏو عالم، فاضل ۽ شاعر هو. هن کي ميان يار محمد (خدا يار خان) ڪلهوڙي شھيد ڪرائي، سندس مال و اسباب پاڻ کنيو. امتياز خان جو اصل نالو سيد حسين شاھہ هو ۽ هو اصفهان جو رهاڪو هو. اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ هندستان ۾ آيو ۽ گهڻو وقت دکن ۾ گذاريائين. هن کي امتياز خان جو خطاب عالمگير طرفان عطا ٿيو. عالمگير بادشاھہ هن کي عظيم آباد صوفيءَ جي عدالت تي مقرر ڪيو هو. شاھہ عالم بھادر شاھہ اول جي دور ۾ پنھنجي لکين رپين جي مال سان گڏ ايران روانو ٿيو.هن جي علمي قابليت کان متاثر ٿي گجرات جي نواب پنھنجي نياڻيءَ جي شادي امتياز خان سان ڪرائي. ’مفتاح التواريخ‘ ۽ ’عماد السعادت‘ ۾ ڄاڻايل آهي تہ:
”سيد حسين مير بوعلي نالي مشهد جي عالم جو فرزند هو، جيڪو هندستان آيو.“ بنگال جو نواب سيد قاسم علي خان (مير قاسم) امتياز خان جو پوٽو هو.
امتياز خان جي شهادت بابت ”مثرالڪرام“ ۾ مير غلام علي آزاد بلگرامي ڄاڻائي ٿو تہ: ”سيد حسين امتياز خان اصفهاني جو تخلص ’خالص‘ هو، هو هندستان کان ايران وڃي رهيو هو، جڏهن سيوستان پهتو تہ سنڌ جي زميندار ميان خدايار خان 1122ھہ / 1710ع ۾ ان کي شھيد ڪرائي ان جي لکن جي مال تي قبضو ڪيو، ان کان پوءِ خدايار خان علامہ عبدالجليل بلگراميءَ کي پيغام موڪليو تہ هي واقعو جهڙي طرح پيش آيو آهي، تهڙيءَ طرح سوانح ۾ بيان نہ ڪيو وڃي. ان لاءِ ٻہ هزار سونيون اشرفيون علامہ جي خدمت ۾ پيش ڪيائين، جيڪي چوڏهن هزار رپين جي برابر ٿين ٿيون. علامہ عبدالجليل ميان يار محمد خان جي هن پيشڪش کي رد ڪري ڇڏيو ۽ جيڪا حقيقت هئي ان کي قلمبند ڪيائين.“ مير عبدالجليل امتياز خان جي شهادت جي مادہ تاريخ هينئن ڪڍي آهي:
”آه آه امتياز خان“
1122ھہ
ميان يار محمد ڪلهوڙو 1122ھہ / 1710ع ۾ سيد حسين اصفهاني کي وڏي بيدرديءَ سان شھيد ڪرائي، ان جي مال ملڪيت تي قابض ٿيو ۽ 1130ھہ / 1718ع ۾ نامور صوفي بزرگ شاھہ عنايت شھيد ۽ ان جي فقيرن کي پڻ وڏي بيرحميءَ سان قتل ڪرائڻ واري سازش ۾ برابر جو شريڪ هو. امتياز خان خالص جا شعر نهايت دلچسپ آهن، غزلن جي ديوان کان سواءِ مرثيه، سلام، قطعه تاريخون ۽ هڪ مثنوي پڻ آهي. سندس هڪ شعر ڏجي ٿو:
شاعري کو همه دم مدح و ثنامي گويد
روز شب نيک و بد شاه و گدامي گويد
گاھہ گر مدح کندگاھہ هجامي گويد
اين همه از پئي آنست که زر مخواهد.
(ترجمو: شاعر جيڪو مدح و ثنا ڪندو رهي ٿو، شاھہ و گدا کي ڏينهن رات سٺو خراب چوندو ڦري ٿو. ڪڏهن ڪنهن جي واکاڻ ڪري ٿو تہ ڪڏهن ڪنهن جي گلا ڪري ٿو، اهو سڀ انڪري تہ کيس پئسا ۽ مال گهرجي.)
00.00.1710 عيسوي
ميان يار محمد ڪلهوڙي 1122هه / 1710ع ۾ سيد حسين اصفهاني کي وڏي بيدرديءَ سان شهيد ڪرايو.