اميد جو قتل- ڪتاب

اميد جو قتل- ڪتاب

اميد جو قتل

اميد جو قتل (ڪتاب ):هي ڪتاب قومپرست رهنما ۽ سياستڪار عبدالواحد آريسر ،27 ڊسمبر 2007ع تي شھيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان متاثر ٿي لکيو. هي ڪتاب پنجن مضمونن تي مشتمل آهي، (1) اميد جو قتل، (2) ڌرتي ڌُڏي وئي، (3) هوءَ جڏهن سن آئي، (4) هن سان ماڻهو پيار ڇو ڪندا آهن ۽ (5) ڪڏهن سرخ ڦريرو لهرائيندو. هن ڪتاب جو مرتب واحد ڪانڌڙو آهي ۽ مهاڳ ناليواري صحافي ۽ ڪالم نگار اعجاز منگيءَ جو لکيل آهي، هن ڪتاب جي ارپنا ذوالفقار جونيئر جي نالي ٿيل آهي، ڪتاب ۾ ”لُڙڪن جي ڀيٽا“ عنوان سان تاج جويي جو غزل شامل آهي. ان کان سواءِ سائين جي. ايم. سيد جا هيٺيان لفظ شھيد بينظير کي ڀيٽا طور ڏنا ويا آهن:
”بينظير ڀُٽو لياريءَ جي جلسي ۾ فوج ۽ پوليس جا گهيرا ٽوڙي شريڪ ٿي، ان سان منهنجي دل ۾ شاھہ جي سورمين جو جذبو جاڳي پيو ۽ آءٌ کيس گلدستو موڪلي رهيو آهيان.“ چار رنگي ٽائيٽل تي شھيد بينظير جي تصوير آهي ۽ بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جي تصوير ۽ آسي زمينيءَ جو غزل ڏنو ويو آهي، ڪچي بائنڊنگ سان ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 87 صفحا آهن ۽ قيمت 80 روپيا آهي. ڇاپو پهريون، 7 فيبروري 2008ع تي گنجو ڏونگر پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2007.12.27  عيسوي

اميد جو قتل ( ڪتاب ) : هي ڪتاب قومپرست رهنما ۽ سياستڪار عبدالواحد آريسر ، 27 ڊسمبر 2007ع تي شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان متاثر ٿي لکيو .



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيلاب زندگيءَ جو
سنڌ ورق ۽ سنڌ ورڪي
رولو آواز
تنھنجي دنيا سڀ رنگ سانول
نينھن جا نعرا
پيهي منجهہ پاتال
اخلاقي جواهر
اصل وڏي ڪٿا ساڌ ٻيلي جي سوکڙي
سسي نيزي پاند
ديوان آشڪار
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون