اميد جو قتل- ڪتاب

اميد جو قتل- ڪتاب

اميد جو قتل

اميد جو قتل (ڪتاب ):هي ڪتاب قومپرست رهنما ۽ سياستڪار عبدالواحد آريسر ،27 ڊسمبر 2007ع تي شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان متاثر ٿي لکيو. هي ڪتاب پنجن مضمونن تي مشتمل آهي، (1) اميد جو قتل، (2) ڌرتي ڌُڏي وئي، (3) هوءَ جڏهن سن آئي، (4) هن سان ماڻهو پيار ڇو ڪندا آهن ۽ (5) ڪڏهن سرخ ڦريرو لهرائيندو. هن ڪتاب جو مرتب واحد ڪانڌڙو آهي ۽ مهاڳ ناليواري صحافي ۽ ڪالم نگار اعجاز منگيءَ جو لکيل آهي، هن ڪتاب جي ارپنا ذوالفقار جونيئر جي نالي ٿيل آهي، ڪتاب ۾ ”لُڙڪن جي ڀيٽا“ عنوان سان تاج جويي جو غزل شامل آهي. ان کان سواءِ سائين جي. ايم. سيد جا هيٺيان لفظ شهيد بينظير کي ڀيٽا طور ڏنا ويا آهن:
”بينظير ڀُٽو لياريءَ جي جلسي ۾ فوج ۽ پوليس جا گهيرا ٽوڙي شريڪ ٿي، ان سان منهنجي دل ۾ شاهه جي سورمين جو جذبو جاڳي پيو ۽ آءٌ کيس گلدستو موڪلي رهيو آهيان.“ چار رنگي ٽائيٽل تي شهيد بينظير جي تصوير آهي ۽ بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جي تصوير ۽ آسي زمينيءَ جو غزل ڏنو ويو آهي، ڪچي بائنڊنگ سان ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 87 صفحا آهن ۽ قيمت 80 روپيا آهي. ڇاپو پهريون، 7 فيبروري 2008ع تي گنجو ڏونگر پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2007.12.27  عيسوي

اميد جو قتل ( ڪتاب ) : هي ڪتاب قومپرست رهنما ۽ سياستڪار عبدالواحد آريسر ، 27 ڊسمبر 2007ع تي شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان متاثر ٿي لکيو .



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حضرت عبدالقادر بيدل
اتحاد
پانڌي ۽ پروڙ
شيواجي شيش محل
جت برف پئي ٿي جام
جت جر وهي ٿو جال
ڀڳت مالا
سون ورني ڪنوار
شيخ اياز جا آخري ڏهه سال
ڇهه ڇهه پئسا ٻه ٻه پايون
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون