
سٺيو اميد علي
اميد علي سٺيو: ليکڪ ۽ محقق، اميد علي ولد ربڏني سٺيي جو جنم، پهرين ڊسمبر 1961ع تي ڳوٺ سيد متي شاھہ، تعلقي بلڙي شاھہ ڪريم (ضلعي ٽنڊي محمد خان) ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ورتي، جڏهن تہ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان، ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۾ ۽ ايم. ايڊ، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪئي. هن تحقيق جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪيو. سندس تحقيقي مقالن ۽ مضمونن ۾: (1) ’سماٽ قوم جي نسل بابت ڪجهہ احوال‘، (2) ’س‘ اکر سان شروع ٿيندڙ قومون، قبيلا، پاڙا، شاخون، ذاتيون ۽ اوڙڪون، (3) ’غلام شاھہ ڪلهوڙي جو مرشد‘، (4) ارغون مرزا شاھہ حسن جو موت‘ وغيرہ شامل آهن. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’سٺيا ذات‘ (حصو پهريون، حصو ٻيو ۽ ٽيون)، (2) ’درگاھہ سيد پريل شاھہ، ڏاڏا سائين‘ شامل آهن. اميد علي سٺيو، تعليم کاتي ۾ سپروائيزر رهيو. هن 15 جون 2015ع تي وفات ڪئي.
1961.12.01 عيسوي
ليکڪ ۽ محقق، اميد علي ولد ربڏني سٺيي جو جنم، پهرين ڊسمبر 1961ع تي ڳوٺ سيد متي شاهه، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم (ضلعي ٽنڊي محمد خان) ۾ ٿيو.
2015.06.15 عيسوي
اميد علي سٺيي 15 جون 2015ع تي وفات ڪئي.