سٺيو اميد علي

سٺيو اميد علي

اميد علي سٺيو

اميد علي سٺيو: ليکڪ ۽ محقق، اميد علي ولد ربڏني سٺيي جو جنم، پهرين ڊسمبر 1961ع تي ڳوٺ سيد متي شاھہ، تعلقي بلڙي شاھہ ڪريم (ضلعي ٽنڊي محمد خان) ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ورتي، جڏهن تہ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان، ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۾ ۽ ايم. ايڊ، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪئي. هن تحقيق جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪيو. سندس تحقيقي مقالن ۽ مضمونن ۾: (1) ’سماٽ قوم جي نسل بابت ڪجهہ احوال‘، (2) ’س‘ اکر سان شروع ٿيندڙ قومون، قبيلا، پاڙا، شاخون، ذاتيون ۽ اوڙڪون، (3) ’غلام شاھہ ڪلهوڙي جو مرشد‘، (4) ارغون مرزا شاھہ حسن جو موت‘ وغيرہ شامل آهن. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’سٺيا ذات‘ (حصو پهريون، حصو ٻيو ۽ ٽيون)، (2) ’درگاھہ سيد پريل شاھہ، ڏاڏا سائين‘ شامل آهن. اميد علي سٺيو، تعليم کاتي ۾ سپروائيزر رهيو. هن 15 جون 2015ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.12.01  عيسوي

ليکڪ ۽ محقق، اميد علي ولد ربڏني سٺيي جو جنم، پهرين ڊسمبر 1961ع تي ڳوٺ سيد متي شاهه، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم (ضلعي ٽنڊي محمد خان) ۾ ٿيو.


2015.06.15  عيسوي

اميد علي سٺيي 15 جون 2015ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جي جي مور
سراج الدوله نواب
ابوالفضل بيهقي
پير ڪامل قريشي
حسن وساڻ
حاجي غلام عباس شاھہ باجارا
ڄام جمالي
چاڳلا غلام علي
طاهرہ واسطي
راهب فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون