امين جويو

امين جويو

امين جويو

امين جويو: ليکڪ ۽ محقق. سندس اصل نالو محمد امين ولد غلام سرور جويو آهي. 15 سيپٽمبر 1983ع تي ڳوٺ قائم شاھہ، تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان B.com ۽ MBA (HRM) جون ڊگريون حاصل ڪيون. تعليم دؤران روينيو، ٽيليفون کاتي، بئنڪنگ سيڪٽر ۽ هوٽلن سميت مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو. 2016ع کان ’سنڌ اڀياس اڪيڊمي‘ ڪراچيءَ ۾ ريسرچ ائسوسيئيٽ طور تحقيقي ڪمن سان وابستہ آهي. هن لکڻ جي شروعات 2016ع کان ڪئي. سندس لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن: ’ڪاوش‘، ’عبرت‘، ’عوامي آواز‘، ’سورمي‘، ’همسري‘، ’سنسار‘، ’چانڊوڪي‘، ’نئين آس‘ ۽ ’سفير سنڌ‘ ۾ شايع ٿيل آهن. جڏهن تہ ”سنڌي ادبي سنگت“ جو پڻ رُڪن آهي. سندس پھريون تحقيقي ڪتاب ”تحقيق جي ڀري“ 2021ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنھن ۾ دادو ضلعي جي تعلقن: جوهي ۽ خيرپور ناٿن شاھہ جي ڪُجهہ چٽسالي ٿيل اڏاوتن تي سندس تحقيقي مضمون شامل آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.09.15  عيسوي

ليکڪ ۽ محقق. سندس اصل نالو محمد امين ولد غلام سرور جويو آهي. 15 سيپٽمبر 1983ع تي ڳوٺ قائم شاهه، تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي دوست محمد
الھرکيو ٻٽ ڊاڪٽر
ضياء الدين احمد
امانت مغل
بشير احمد انصاري ڊاڪٽر
بھاول خان عباسي3
الياس عليہ السلام
ڀنگر غلام نبي
مير ٺارو خان ٽالپر
بختاور پليجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون