مخدوم امين فهيم

مخدوم امين فهيم

امين فھيم مخدوم

امين ’فھيم‘، مخدوم: سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعر، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو وڏو فرزند ۽ مخدوم نوح سرور جي درگاھہ جو موجودہ ۽ پندرهون نمبر سجادہ نشين ۽ ناميارو شاعر، مخدوم محمد امين ”فھيم“، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ 4 آگسٽ 1939ع تي ڄائو. سندس نالو ”محمد امين“ رکيو ويو، جڏهن تہ مخدوم محمد امين ثالث ”پکن ڌڻيءَ“ جي نسبت سان کيس ”ڏاڏا سائين“ بہ چيو ويندو آهي. شروعاتي تعليم هالا مان ورتائين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪيائين. هن شاعريءَ جي شروعات 1953ع ۾ ڪئي. پهريائين ”امين“ تخلص اختيار ڪيائين، پر هاڻي مخدوم امين، شاعريءَ ۾ ”فھيم“ تخلص اختيار ڪندو آهي. جناب غلام محمد گراميءَ جي چواڻي: ”مخدوم امين فھيم جي شاعريءَ ۾ سوز و گذار، محبت ۽ رِقت جا اهي سڀ معيار موجود آهن، جيڪي هڪ قادرالڪلام شاعر جي شاعريءَ ۾ ٿين ٿا.“ هن غزل جي عمدي شاعري ڪئي آهي، قومي شاعريءَ ۾ بہ بھترين ڪلام چيا اٿس. سندس ٻولي پختي، رسيلي ۽ مٺي آهي. پنھنجي والد بزرگوار جي صحبت ۽ هالا جي ادبي ماحول ۾ هيءُ رچي ريٽو ٿيو. سندس ڪلام جو مجموعو ”پيغام“، سنڌي ادبي بورڊ، ڊسمبر 1990ع ۾ شايع ڪري چڪو آهي. سندس جوانيءَ جي دور ۾، شاعريءَ ۾ وقتاً فوقتاً ڪجهہ وقفو بہ نظر اچي ٿو، جنهن جو سبب سندس سياسي، فلاحي، قومي ۽ خانداني مصروفيتون آهن. هن سياسي سفر جو آغاز 1970ع ڌاري پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ سان ڪيو. ڪجهہ وقت سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار پڻ رهيو، پوءِ مرڪز ۾ وزير مملڪت جي عهدي تي فائز ٿيو. 1977ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ روينيو ۽ آبادڪاريءَ جو وزير ٿيو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر هو. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مواصلات جو وزير مقرر ٿيو. 1990، 1993ع ۾ 1997ع وارين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. انهن چونڊن ۾ جيئن تہ پيپلزپارٽي، اقتدار ۾ نہ آئي، ان ڪري کيس وزارت نہ ملي، وري 2008ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. هو صاحب پاڪستان حڪومت ۾ سينيئر وزير ۽ وفاقي وزير کانسواءِ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو صدر ۽ پيپلزپارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمئن پڻ هو. مخدوم محمد امين فھيم 21 نومبر 2015ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.08.04  عيسوي

مخدوم محمد امين ” فهيم “ ، تعلقي هالا ، ضلعي مٽياريءَ ۾ 4 آگسٽ 1939ع تي ڄائو


2015.11.21  عيسوي

مخدوم محمد امين فهيم 21 نومبر 2015ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الھہ بخش سومرو شھيد
آغا تيمور خان پٺاڻ
امير بخش ڀٽو
اختر حسين جدون
اختر علي جي قاضي
اياز سومرو
ارباب ذڪاءُ ﷲ
آصف بالادي
آفتاب شاھہ جيلاني
بشير خان قريشي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون