انار ڪلي: انارڪلي مغل دور جو هڪ تاريخي ڪردار آهي. هيءَ هڪ ايراني واپاريءَ جي ڌي هئي، جيڪو پنھنجي ڪٽنب سان گڏ جڏهن ايران مان هندستان پئي آيو تہ واٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪري کيس ماري وڌو ۽ سندس مال متاع، زال ۽ ڌيءُ نادرہ بيگم کي پاڻ سان کڻي ويا. ڌاڙيلن معصوم نادرہ کي ڪابل جي صوبيدار راجا مانسنگهہ وٽ وڪڻي ڇڏيو. هن کيس اڪبر بادشاھہ جي حرم ۾ ڪنيز ڪري ڏنو. جڏهن نادرہ جوان ٿي تہ سندس حسن ۽ جمال ڏسي اڪبر کيس ’انارڪليءَ‘ جو نالو ڏنو. ڪتاب ”تحقيقات چشتيه“ ۾ ڄاڻايل آهي تہ: ”اڪبر بادشاھہ جي انارڪليءَ سان تمام گهڻي محبت هئي، انهيءَ ڪري محل جون ٻيون ڪنيزون هن تان سڙنديون هيون ۽ جڏهن اڪبر حيدرآباد دکن جي جنگي مھم تي ويو، تڏهن حاسد ڪنيزن انارڪليءَ کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو.“ جڏهن تہ ڪنهيا لال ”تاريخ لاهور“ ۾ هن طرح لکيو آهي تہ: ”جڏهن اڪبر حيدرآباد دکن ۾ هو، تڏهن انارڪليءَ لاهور ۾ سخت بيماريءَ جي حالت ۾ وفات ڪئي.“ مٿين ٻنهي بيانن جي ابتڙ عام طور ائين مشھور آهي تہ اڪبر بادشاھہ انارڪليءَ کي هميشہ پاڻ سان گڏ رکندو هو، پر سندس فرزند شھزادو سليم (جھانگير بادشاھہ) ۽ انارڪليءَ هڪٻئي سان پيار ڪندا هئا. جڏهن اڪبر کي اها خبر پئي تہ هن حڪم ڏنو تہ انارڪليءَ کي قيد ڪيو وڃي ۽ انارڪليءَ کي قيد ڪيو ويو. شھزادو سليم انارڪليءَ کي قيد مان آزاد ڪرائي آگري ڏانهن ڀڄي نڪتو، پر شاهي فوج اڪبر جي حڪم تي ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو، سليم کي ڪجهہ بہ نہ چيو ويو پر حسين ۽ جميل ڪنيز انارڪليءَ تي مقدمو هلائي، کيس موت جي سزا ڏئي، ڀِت ۾ چڻايو ويو. سندس بيڏوھہ موت 1008ھہ/1599ع ۾ ٿيو. هي واقعو شھزادي سليم کان ڳجهو رکيو ويو. اڪبر جي مرڻ بعد جڏهن شھزادو سليم، جھانگير جي لقب سان تخت نشين ٿيو، تڏهن کيس اصل واقعي کان آگاهي ملي ۽ کيس ڏاڍو ڏُک پهتو ۽ هن ان جاءِ تي، جتي انارڪليءَ کي ڀت ۾ چڻيو ويو هو، سندس ياد ۾ هڪ مقبرو تعمير ڪرايو، جيڪو ”مقبرءِ انارڪليءَ“ جي نالي سان مشھور آهي. هي مقبرو اڪبر بادشاھہ جي وفات کان ڏھہ سال پوءِ 1024ھہ/1615ع ۾ ٺھي راس ٿيو. مقبري ۾ انارڪليءَ جي قبر جي ڪتبي تي مجنون سليم اڪبر جي نالي سان هي شعر لکيل آهي:
تا قيامت شڪر گويم کردگار خويش را
آھہ گرمن باز بينم روي يار خويش را
(مجنون سليم اڪبر)
]آئون قيامت تائين پنھنجي پروردگار جو شڪار گذار رهندس، جيڪڏهن هو مون کي منهنجي يار جي صورت جو هڪ دفعو ٻيهر ديدار ڪرائي[.
1008.00.00 هجري
حسين ۽ جميل ڪنيز انارڪليءَ تي مقدمو هلائي ، کيس موت جي سزا ڏئي ، ڀِت ۾ چڻايو ويو . سندس بيڏوهه موت 1008هه/1599ع ۾ ٿيو .
1599.00.00 عيسوي
حسين ۽ جميل ڪنيز انارڪليءَ تي مقدمو هلائي ، کيس موت جي سزا ڏئي ، ڀِت ۾ چڻايو ويو . سندس بيڏوهه موت 1008هه/1599ع ۾ ٿيو .