وشنوڀاٽيا

وشنوڀاٽيا

وشنوڀاٽيا

وشنوڀاٽيا:سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ وشنو ڀاٽيا، 21 اپريل 1941ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. ورھاڱي وقت مائٽن سان گڏ سنڌ ڇڏي ممبئيءَ ھليو ويو. سندس تعليم انٽر آرٽس، رتن (ھندي) ۽ ڪوويد (سسنسڪرت) آھي. ھن ڪھاڻيون، ناول، مضمون، ناٽڪ لکيا ۽ شاعري ڪئي. ھندستان ۽ ھندواسي اخبارن سميت ماھوار رسالن جو ايڊيٽر بھ رھيو، جن ۾ ’شانتي‘ (1944ع کان 1947ع تائين)، ’ڪونج‘ (1970ع کان 1971ع تائين) ۽ ’فلم ۽ فئشن‘ (1949ع کان 1970ع تائين) شامل آھن. جڏھن تھ ھڪ وڏي عرصي تائين ’سنڌُو سماچار‘، ’سنڌو سنسار‘، ’جهولي لال‘، ’يگ ڌارا‘ ’ڪونج‘، ’سِپون‘ ۽ ’ڪاڪو ڪندن‘ ۾ ھفتيوار ڪالم، ڪھاڻيون ۽ ادبي مضمون بھ لکندو رھيو. اکل ڀارت سنڌي ٻوليءَ ۽ ساھت سڀا جو 1974ع کان 1978ع تائين سيڪريٽري رھيو. سندس ناول ”سمرتين جو سڀاءُ“ ڏاڍو مقبول ٿيو. سندس انيڪ رچنائن جو ھندي، انگريزي، گجراتي، مراٺي، مليالم، ڪنڙ ۽ تيلگو ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘درد ڀري دل’ (1963ع)، ‘دل جي بستي’ (ڪھاڻيون: 1965ع)، ‘چندر مکي’ (ڪھاڻيون: 1965ع)، ‘سوال’ (ناول: 1976ع) ۽ ‘زندگي جا ڪنارا’ (ناول: 1969ع)، ‘سج جا ٽڪرا’ (ڪھاڻيون: 1973ع)، ‘ديوار ۽ تاس جا پتا’ (ڪھاڻيون: 1977ع)، ‘ساھت جا سوال’ (مضمونن جو مجموعو: 1976ع)، ‘رشتن جو انت’ (ڪھاڻيون: 2001ع) شامل آھن. ھن جا ناٽڪ: ‘بيبو اور بينو’، ‘اک ڦڙڪي، دل ڌڙڪي’ ۽ ‘نندن ڪر نندن’ مشھور ٿيا. کيس اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ سڀا پاران 1995ع ۾ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ بہ مليو. 15 سيپٽمبر 2011ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.04.21  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ وشنو ڀاٽيا، 21 اپريل 1941ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.


2011.09.15  عيسوي

وشنو ڀاٽيا 15 سيپٽمبر 2011ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ريجھه علي شاهه ثالث
سجاد علي شاهه جسٽس
لقمان کوکر
حافظ محمد 2
ڄام بابينو
رستم ڪي سڌوا
اهروي عبدالمجيد ماجد
پنڊت موهن لال
حاتم طائي
حاجي عبدالله خان مومن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون