انور اقبال بلوچ

انور اقبال بلوچ

انور اقبال بلوچ

انور اقبال بلوچ: پاڪستان ٽيليويزن جو مشھور اداڪار ۽ ڊائريڪٽر اقبال بلوچ پنھنجي والدين جو اڪيلو پٽ هو. سندس والد حاجي محمد اقبال بلوچ مسلم ليگ ڪراچيءَ جو صدر هو. انور اقبال جو جنم 25 ڊسمبر 1949 تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جي شوق ۾ هن شيڪسپيئر پڙهي ڪيترن ئي ٿيٽر ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. کيس پي. ٽي. وي جي مشھور ڊرامن ”شمع“ ۽ ”آخري چٽان“ سبب تمام گهڻي شھرت ملي. ان کانسواءِ هن ڪيترن ئي اردو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. شمشيرالحيدري جي لکيل ڊرامي ”دوست پيھي در آيو“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انور اقبال ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪري پروڊڪشن سان پنھنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. 1975ع ۾ پھرين بلوچي فلم ”حمل و ماھہ گنج“۾ بطور هيرو اداڪاري پڻ ڪئي. هن فلم جي ڪھاڻي مشھور شاعر سيد ظھور شاھہ هاشمي لکي، پر فلم ڪن اعتراضن سبب 1975ع ۾ رليز نہ ٿي سگهي. 42 سالن کانپوءِ 28 فيبروري 2017ع تي هي فلم آرٽس ڪائونسل ڪراچي طرفان رليز ڪئي وئي. اداڪاري سان گڏ هو هڪ خانگي اسڪول ۾ استاد پڻ رهيو. انور اقبال ڪيسنر جي مرض سبب پھرين جولاءِ 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ميوه شاھہ قبرستان ۾ آرامي ٿيو. کيس چئن ڌيئرن جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.12.25  عيسوي

انور اقبال جو جنم 25 ڊسمبر 1949 تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.


2021.07.01  عيسوي

انور اقبال ڪيسنر جي مرض سبب پھرين جولاءِ 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ميوه شاهه قبرستان ۾ آرامي ٿيو. کيس چئن ڌيئرن جو اولاد آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پشپا ولڀ
تنوير انجم
راءِ سنگهہ
ڀاڳو ڀانُ
سيد عبدالرحيم موسوي
امين فقير مڱريو
احمد حسن داني
ٿانوي محمد احمد مولانا
عبدالقادر عرف قادري کيڙو ڊاڪٽر
سندري اتمچنداڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون