انڊين ڪانگريس جو جهنڊو

انڊين ڪانگريس جو جهنڊو

انڊين نيشنل ڪانگريس

انڊين نيشنل ڪانگريس: هندستان جي هڪ سياسي پارٽي، جنهن کي انڊين نيشنل ڪانگريس (INC) چيو ويندو آهي. ان جو بنياد ڊسمبر 1885ع ۾ مختلف رهنمائن، ايلن اوڪٽوين هيوم، دادا ڀائي نوروز جي، ڊنشا واچا، وميش چندر بينرجي، سريندرناٿ بينرجي، من موهن گهوش ۽ وليم ويڊربرن وڌو. هيءَ پارٽي پنھنجي قيام کان وٺي هندستان جي آزاديءَ لاءِ سرگرم رهي. موهن داس ڪرمچند گانڌي، جواهر لعل نهرو، ولڀ ڀائي پٽيل، سڀاش چندر بوس، راجندر پرشاد، خان عبدالغفار خان، ابوالڪلام آزاد، مولانا محمد علي جوهر ۽ محمد علي جناح جهڙيون شخصيتن جو هن پارٽيءَ جي جدوجھد ۾ نمايان ڪردار رهيو آهي. (وڌيڪ ڏسندا: ڪانگريس پارٽي)
برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ انڊين نيشنل ڪانگريس، هندستاني/ ڀارتي سياست تي وڏي عرصي تائين راڄ ڪيو آهي. ڀارت جو پهريون وزيراعظم جواهر لعل نهرو بہ هن پارٽيءَ جو اڳواڻ هو. اندرا گانڌي ۽ راجيو گانڌي جي شهرت، سندن موت کان پوءِ بہ ڪانگريس پارٽيءَ کي ڀارت ۾ منظم رکيو ۽ ڀارت جي اقتدار تي هن پارٽيءَ جو بدستور اثر رهيو آهي. هيءَ هندستان جي واحد پارٽي آهي، جنهن 1999ع، 2004ع ۽ 2009ع جي چونڊن ۾ 10 ڪروڙن کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا. ڪانگريس سان لاڳاپيل ڀارتي وزيراعظمن ۾: جواهرلعل نهرو، گلزاري لعل نندا، لعل بھادر شاستري، اندرا گانڌي، راجيو گانڌي، نرسمهارائو ۽ من موهن سنگهہ شامل آهن. هن وقت ڪانگريس پارٽيءَ جي سربراھہ/ چيئرپرسن راجيو گانڌيءَ جي اٽالين گهر واري سونيا گانڌي آهي.


لفظ انڊين نيشنل ڪانگريسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو