اياز خليل چنجڻي
اياز خليل چنجڻي: شاعر ۽ ڪالم نويس اياز خليل چنجڻي جو اصل نالو اياز احمد ولد خليل احمد چنجڻي آهي. هن 25 ڊسمبر 1980ع تي ڳوٺ ميانداد چنجڻي، تعلقي نصير آباد، ضلعي قنبر-شهداد ڪوٽ ۾ جنم ورتو.بي.اي (اليڪٽريڪل) قائد عوام يونيورسٽي، نوابشاهه مان ڪئي. هن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران نثر توڙي نظم ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. مختلف سنڌي اخبارن ۾ سندس شاعري ۽ سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي ڪالم ڇپيل آهن. سندس شاعري جو ڪتاب ”ٽڙيل گُل هئاسين“ 2015ع ۾ ڇپجي چڪو آهي
1980.12.25 عيسوي
شاعر ۽ ڪالم نويس اياز خليل چنجڻي جو اصل نالو اياز احمد ولد خليل احمد چنجڻي آهي. هن 25 ڊسمبر 1980ع تي ڳوٺ ميانداد چنجڻي، تعلقي نصير آباد، ضلعي قنبر-شهداد ڪوٽ ۾ جنم ورتو.