اياز سومرو

اياز سومرو

اياز سومرو

اياز سومرو: مشھور سياستدان ۽ وڪيل محمد اياز سومرو ولد خدا بخش سومرو 31 ڊسمبر 1958ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڪالت جي شروعات ڪئي. هو شاگرديءَ واري زماني کان پ پ سان وابستہ رهيو ۽ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عھديدار رهيو. اياز سومرو شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ايم. آر. ڊي تحريڪ تائين مختلف وقتن تي جيلن ۾ ويندو رهيو. 1987ع ۾ ٽائون ڪميٽي لاڙڪاڻي جو ڪائونسلر ٿي رهيو. هن سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ انگلنڊ جا دورا پڻ ڪيا. 2002ع جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. پيشي جي لحاظ کان وڪيل اياز سومرو 2008ع جي چونڊن ۾، لاڙڪاڻي جي تڪ PS-37 تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيڻ کانپوءِ قانون ۽ پارلياماني معاملن جو صوبائي وزير ٿي رهيو. 2011ع ۾ جيل ۽ هائوسنگ جون اضافي وزارتون بہ سندس حوالي رهيون. 2013ع کان 2018ع تائين قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بہ رهيو. سپريم ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جو ميمبر ۽ ڏهن سالن تائين ڊسٽرڪٽ بار لاڙڪاڻي جو صدر ٿي رهيو. 20 مارچ 2018ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.


لفظ اياز سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2018.03.20  عيسوي

اياز سومرو 20 مارچ 2018ع تي گذاري ويو.


1958.12.31  عيسوي

اياز سومرو لاڙڪاڻي ۾ 31 ڊسمبر 1958ع تي جنم ورتو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسفند يار ولي
آچاريه ڪرپالاڻي
بقادار شاھہ سيد
اڪرام ﷲ ڌاريجو
الاهي بخش سومرو
آغا بدرالدين دراني
ايوب کهڙو
امير حيدر ڪاظمي
ارباب ذڪاءُ ﷲ
امير بخش ڀٽو
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون