ايسر فقير: ايسر فقير پٽ پرمانند رانوتي تعلقي اوٻاوڙي جو ويٺل هو. سڄي عمر روهڙيءَ ۾ رهيو ۽ درگاھہ درازا جو طالب هو. ڪافيون ڪلام چيائين. سندس ڪي ڪافيون ڪافين جي ڪتاب ۾ شامل آهن.