ايوب خان

ايوب خان

ايوب خان

ايوب خان: پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ فيلڊ مارشل ايوب خان. 14 مئي 1907ع تي هزارا جي هڪ ڳوٺ ريحانه جي هڪ وچولي درجي واري فوجي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مير داد خان رسالدار ميجر هو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي. 1922ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھہ ۾ داخل ٿيو. جون 1926ع ۾ رايل ملٽري ڪاليج سينٽ هرسٽ مان فوجي تربيت حاصل ڪئي. 1932ع ۾ کيس ڪميشن ملي، پنجاب رجمينٽ ۾ ڪرنل ڪمانڊر رهيو، ٻي عالمي جنگ دوران برما جي محاذ تي موڪليو ويو، جتي پنھنجي دستي جو ڪمانڊر رهيو. 1947ع ۾ کيس ڪرنل جي عهدي تي ترقي ملي. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ وزيرستان ۾ برگيڊيئر رهيو. ڊسمبر 1948ع ۾ مشرقي پاڪستان ۾ ميجر جنرل طور رهيو. 17 جنوري 1951ع تي جنرل سر ڊگلس گريسيءَ جي جاءِ تي پاڪستان آرميءَ جو پهريون مسلمان ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿيو. هي پهريون پاڪستاني هو جنهن کي اهو اعزاز مليو هو. ايوب خان کي فوج جي سربراھہ جو عهدو ان ڪري ڏنو ويو هو تہ بظاهر هو ڪنهن لابيءَ سان واڳيل نہ هو ۽ نہ ئي ڪو سياسي مقصد هئس پر ترقي ملڻ جي ڪجهہ ئي عرصي کان پوءِ ايوب خان ملڪ جي سگهاري سياسي شخصيت بڻجي ويو. ايوب خان آمريڪا کان فوجي ۽ معاشي امداد وٺڻ ۽ عالمي معاملن ۾ پاڪستان کي ان جو اتحادي بنائڻ لاءِ ذميوار آهي. 1954ع ۾ آرمي چيف ۽ وزير دفاع هئڻ ڪري هي ان پوزيشن ۾ هو تہ حڪومت جي ڪنهن بہ فيصلي کي رد ڪري ڇڏي.
1958ع ۾ فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان ۽ سندس ساٿي جنرلن فيصلو ڪيو تہ ”نااهل سياستدانن“ مان ماڻهن جي جان آجي ڪرائجي، سندس دور حڪومت ذاتي ۽ آمراڻي دور طور سڃاڻپ رکي ٿو. ايوب خان ملڪ کي معاشي، قانوني، سياسي ۽ آئيني ادارا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ايوب خان حڪومت ۾ اچڻ شرط بليڪ مارڪيٽنگ اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي خلاف سخت قدم کنيا. رشوت ۽ بدعنوانين ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروايون ڪيون. جنهن سان کيس شروعاتي طور عوام وٽان مڃتا ملي. پنھنجي خلاف سياسي مخالفت کي روڪڻ لاءِ پروڊا لاڳو ڪيو، جنهن موجب هن سياستدانن تي 15 سالن جي لاءِ پابندي وجهي ڇڏي هئي. هڪ ٻيو ”قانون ايبدو“ (Elective Bodies Disqualification Order) پڻ لاڳو ڪيو ويو، جنهن جو مقصد اڳوڻن حاڪم سياستدانن خلاف بدعنوانين ۽ ٻين اهڙن الزامن هيٺ ڪيس هلائڻ هو، پر کين ان صورت ۾ معافي ملي پئي سگهي تہ هو ايندڙ ستن سالن تائين ڪنهن بہ قانون ساز اداري جي چونڊن ۾ اميدوار نہ هوندا. اٽڪل 7 هزار ماڻهو ايبڊو جي لپيٽ ۾ آيا. اهو قانون محمد ايوب کهڙي تي بہ لاڳو ڪيو ويو هو. پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري پريس تي پابنديون وڌيون ويون. سندس ئي ڏينهن ۾ نئون شھر اسلام آباد اڏي، ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ مان اتي منتقل ڪيو ويو. 1959ع ۾ زرعي سڌارا آندا ۽ قانون لاڳو ڪري زمين جي وڌ ۾ وڌ حد ملڪيت 200 ايڪڙ مقرر ڪئي ويئي. جيتوڻيڪ وڏن زميندارن، ڪجهہ نوڪر شاهي سان گڏجي تہ ڪجهہ وري سياسي اثر استعمال ڪندي پنهنجون زمينون بچايون پر پوءِ بہ اٽڪل 40 لک ايڪڙ زمين سرڪار حاصل ڪئي، جنهن مان وڏي ايراضي سنڌ ۾ هئي، بعد ۾ اها زمين گهڻي ڀاڱي سول ۽ فوجي آفيسرن ۾ ورهائي وئي. 1958ع ۾ نام نهاد شريف ڪميشن ذريعي تعليمي پاليسي لاڳو ڪئي وئي، جنهن موجب مادري زبانن خاص ڪري سنڌي زبان جي پڙهائيءَ کي پرائمري تائين محدود ڪيو ويو، جنهن خلاف سنڌي زبان سوسائٽي، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي محب وطن سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تحريڪ هلائي، ۽ ايوب رجيم کي مجبور ٿي 14 آڪٽوبر 1962ع تي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو ۽ سنڌيءَ جي ذريعہ تعليم واري اڳوڻي حيثيت بحال ٿي. ايوب خان 1959ع ۾ ”بنيادي جمهوريت جو نئون سياسي نظام“ لاڳو ڪيو ۽ 1962ع ۾ نئون آئين ڏنو، جيڪو صدارتي نظام وارو هو. هن جي وقت ۾ پرڏيهي پاليسي آمريڪا جي حامي رهي پر پوءِ بہ هن چين ۽ سوويت يونين سان ناتا بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. 1960ع ۾ انڊس واٽرس ٽريٽي (سنڌو طاس ٺاھہ) عالمي بئنڪ ۽ آمريڪا جي مدد سان ڪيو ويو، جنهن موجب اولھہ وارا ٽي درياھہ يعني سنڌو درياھہ، جھلم ۽ چناب پاڪستان کي ڏنا ويا ۽ اوڀر وارا ٽي درياھہ راوي، بياس ۽ ستلج ڀارت کي ڏنا ويا، جنهن جي بنياد تي اڳتي هلي پاڻيءَ جي معاملي تي پنجاب سنڌ سان زيادتي ڪئي ۽ سنڌ جي اجازت کان سواءِ ڊئم تيار ڪرائي، سنڌوءَ جو پاڻي روڪيو ۽ سنڌ کي معاشي طرح تباھہ ڪيو. جنهن خلاف سنڌي قوم بنا تميز پارٽيءَ جي وڏي جدوجھد هلائي ڪالاباغ ڊئم رٿا رد ڪرائي آهي.
لڳاتار سرحدي چڪرين بعد 1965ع ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪشمير جي سرحد ۽ رڻ ڪڇ ۽ ٿر وارن علائقن ۾ جنگ لڳي، سوويت يونين ٽياڪڙي ڪري 1966ع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ صلح ڪرايو، ايوب خان ۽ ڀارتي وزيراعظم لال بھادر شاستري تاشقند ٺاھہ تي صحيحون ڪيون. ايوب ڪابينا جي پرڏيهي معاملن واري وزير ذوالفقار علي ڀُٽي ان ٺاھہ جي مخالفت ڪئي ۽ وزارت تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي. ڀارت سان جنگ ۽ تاشقند ٺاھہ ايوب حڪومت لاءِ فيصلي ڪن موڙ ثابت ٿيو.
فيبروري 1966ع ۾ لاهور ۾ مخالف ڌر جي سياسي جماعتن طرفان ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. هن ڪانفرنس ۾ اوڀر پاڪستان ۾ حمايت رکندڙ عوامي ليگ ڇھہ نڪتا پيش ڪيا. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شاگردن ۽ مزدورن جون تحريڪون شروع ٿيون. 4 مارچ 1967ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن احتجاج ڪيو جنهن ۾ اڳ ئي هلندڙ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪري ڇڏيو هو. هن ئي دؤر ۾ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي مداخلت تي علامہ آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽيءَ مان استعيفيٰ ڏني. ٽڪا خان پنھنجي ڪنهن عزيز جي ناپاس ٿيڻ تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ جو مضمون ختم ڪرايو، جنهن خلاف وڏو احتجاج ٿيو.
1968ع ۾ ايوب خان حڪومت جي ڏهن سالن جي ڪارڪردگي جو جشن ملهارايو پر اهو جشن فائدي ڏيڻ بدران سياسي طور نقصانڪار ثابت ٿيو. 1969ع ۾ مختلف سياسي جماعتن ڊيموڪريٽڪ ايڪشن ڪميٽي (ڊيڪ) ٺاهي جنهن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.
ان ئي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽي پيپلزپارٽي ٺاهي ۽ انقلاب جو نعرو ڏنو. هن ملڪ ۾ هڙتال ۽ احتجاج جو سڏ ڏنو. ڪراچي، لاهور، پشاور، ڍاڪا ۾ فوج گهرائي ويئي. فيبروري ۾ حڪومت سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين جي ڪوٺ ڏني. ايوب خان نئون آئين ڏيڻ ۽ ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ اميدوار نہ ٿيڻ جو اعلان ڪيو. 25 مارچ 1969ع تي فوج جي سربراھہ جنرل آغا محمد يحيٰ خان پاڻ کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ملڪ اندر مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو. 1962ع وارو آئين ختم ڪيو ويو. ايوب خان استعيفيٰ ڏني ۽ يحيٰ خان ملڪ جو صدر ٿي ويو. 20 اپريل 1974ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو ۽ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ريحانه ۾ مدفون آهي.


لفظ ايوب خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.05.14  عيسوي

ايوب خان: پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ فيلڊ مارشل ايوب خان . 14 مئي 1907ع تي هزارا جي هڪ ڳوٺ ريحانه جي هڪ وچولي درجي واري فوجي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو .


1962.10.14  عيسوي

1958ع ۾ نام نهاد شريف ڪميشن ذريعي تعليمي پاليسي لاڳو ڪئي وئي ، جنهن موجب مادري زبانن خاص ڪري سنڌي زبان جي پڙهائيءَ کي پرائمري تائين محدود ڪيو ويو ، جنهن خلاف سنڌي زبان سوسائٽي ، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي محب وطن سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تحريڪ هلائي ، ۽ ايوب رجيم کي مجبور ٿي 14 آڪٽوبر 1962ع تي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو ۽ سنڌيءَ جي ذريعه تعليم واري اڳوڻي حيثيت بحال ٿي .


1965.00.00  عيسوي

لڳاتار سرحدي چڪرين بعد 1965ع ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪشمير جي سرحد ۽ رڻ ڪڇ ۽ ٿر وارن علائقن ۾ جنگ لڳي ، سوويت يونين ٽياڪڙي ڪري 1966ع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ صلح ڪرايو ،


1966.00.00  عيسوي

لڳاتار سرحدي چڪرين بعد 1965ع ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪشمير جي سرحد ۽ رڻ ڪڇ ۽ ٿر وارن علائقن ۾ جنگ لڳي ، سوويت يونين ٽياڪڙي ڪري 1966ع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ صلح ڪرايو ،


1974.04.20  عيسوي

ايوب خان: 20 اپريل 1974ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ريحانه ۾ مدفون آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير جمعو شھيد
ريڊڪلف اوارڊ
حاجي علي محمد کوسو
شيخ عمر شھاب الدين سھروردي
صاحب بن عبدالرحمان
بابا جتي بخش
صالح عباسي
احمد شيخ
ايم ايڇ پنهور
عدنان سميع
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون