ايوڌيا

ايوڌيا / اجوڌيا: ايوڌيا ڀارت ۾ هڪ ڌرمي اهميت وارو شھر آهي، جيڪو فيض آباد کان ڇھہ ڪلوميٽر پري آهي، جنهن جي آبادي اٽڪل پنجاھہ هزار ماڻهن تي مشتمل آهي. اها هندن جي هڪ وڏي تيرٿ يا زيارت گاھہ طور مشھور آهي، ڇو تہ اهو نہ صرف شري رام جي جنم ڀومي آهي، پر خود رامائڻ ۾ ذڪر ڪيل ڪيترن واقعن سان لاڳاپيل آهي. اٿرويد ۾ ايوڌيا کي ديوتائن جو اڏيل شھر ۽ سرڳ (جنت) جهڙو شاهڪار سڏيو ويو آهي، پر موجودہ دور ۾ اهو هڪ غريباڻو شھر آهي، جنهن ۾ مندرن جي گهڻائي آهي. ان کانسواءِ هتي باندر بہ گهڻائيءَ ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هن شھر کي ان وقت وڏي شھرت ملي جڏهن اتي موجود بابري مسجد کي اهو چئي شھيد ڪيو ويو تہ بابر بادشاھہ اها مسجد 500 سال اڳ شري رام جي جنم واري جاءِ تي اڏائي هئي.

http://en.wikipedia.org/wiki/Ayodhya


لفظ ايوڌياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو