اي بي آڏواڻي

اي بي آڏواڻي: محقق ۽ تاريخدان، اي بي آڏواڻي، 23 ڊسمبر 1906ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. هن 1927ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان گريجويشن ڪئي ۽ اتان ئي ايل ايل بي به ڪيائين. هن سينٽ ايڪسوئيرس ڪاليجز هسٽاريڪل ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ راءِ فيريئر ايڇ هرس ايس جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ تي تحقيقي ڪم ڪيو. 1933ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ سندس ”سنڌ جو الحاق“ موضوع تي ايم اي جي ٿيسز منظور ڪئي. اي بي آڏواڻي، 1936ع کان 1941ع تائين ايڇ ايل سي ماڊل هاءِ اسڪول ڪراچيءَ جو وائيس پرنسپال رهيو. هن 1934ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر ڊيوئارٽ ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ جو جرنل جاري ڪيو. هن ان وقت شايع ٿيندڙ ڪيترن رسالن ۽ جرنلن ۾ به سھڪار ڪيو. اي. آر. پي آرگنائيزيشن ڪراچيءَ ۾ به شامل رهيو. سنڌ جي تاريخ تي قلمي ڪتاب گڏ ڪرڻ، سندس دلچسپين ۾ شامل هو. هن سماجي براين جي خاتمي لاءِ به ڪافي ڪم ڪيو. اي بي آڏواڻيءَ 1941ع ۾ سنڌ حڪومت جي سول ڊفينس کاتي جي اي آر پي سيڪشن کي جوائن ڪيو ۽ ان ۾ ٽريننگ آفيسر پڻ رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

23.12.1906  عيسوي

اي بي آڏواڻي 23 ڊسمبر 1906ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جنيد احمد سومرو
دائود مخدوم
بدر الدين زاهدي
احمد سلطان
ٿرڙي سنجر ڀٽي
ڇٻلاڻي ايڇ ايل
رياض شاهد
پير غلام جيلاني شاهه نورائي
دهلوي شاهه غلام محمد
زاهد حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون